اسلام آباد(بيورو رپورٽ) سپريم ڪورٽ جي جج جسٽس مسرت هلالي رٽائر ٿي وئي، جنهن جي اعزاز ۾ چيف جسٽس يحيٰ آفريدي جي صدارت هيٺ فل ڪورٽ ريفرنس منعقد ڪيو ويو، جنهن ۾ ججن،وڪيلن ۽ قانوني برادري شرڪت ڪئي. تقريب کي خطاب ڪندي سپريم ڪورٽ بار جي صدر هارون الرشيد چيو ته ملڪ جي مسئلن جو حل سياسي ڌرين وچ ۾ بامعنيٰ ڳالهين ۾ آهي. هن آئين موجب نون صوبن جي قيام جي حمايت ڪندي چيو ته نوان صوبا بهتر حڪمراني، معاشي ترقي ۽ سياسي استحڪام ۾ اهم ڪردار ادا ڪري سگهن ٿا. پنهنجي الوداعي خطاب ۾ جسٽس مسرت هلالي پنهنجي والدين کي ڀيٽا پيش ڪندي چيو ته سندن تربيت ۽ دعائن جي ڪري هوءَ هن مقام تائين پهتي. هن چيو ته هوءَ خيبرپختونخوا مان بار چونڊ کٽيندڙ، پشاور هاءِ ڪورٽ جي پهرين عورت چيف جسٽس ۽ صوبي مان سپريم ڪورٽ جي پهرين عورت جج رهي. چيف جسٽس يحيٰ آفريدي جسٽس مسرت هلالي جي پيشاوراڻين خدمتن، بهادري ۽ سادگي کي ساراهيندي چيو ته هوءَ هميشه باوقار، مرڪندڙ ۽ دلير جج طور ياد رکي ويندي.