هر وزير چيو ته بيوروڪريسي ڊنل آهي، ڪم نٿي ڪري:نيب چيئرمين

اسلام آباد (بيورو) سينيٽ جي قانون ۽ انصاف بابت قائمه ڪميٽي جو اجلاس سينيٽر فاروق ايڇ نائيڪ جي صدارت هيٺ ٿيو، جنهن ۾ ڪميٽي جي هدايت تي چيئرمين نيب نذير احمد بٽ شرڪت ڪئي، اجلاس دوران سينيٽر فاروق ايڇ نائيڪ چيو ته شايد هي پهريون ڀيرو آهي جو توهان ڪميٽي آڏو پيش ٿيا آهيو، جنهن تي چيئرمين نيب جواب ڏنو ته چيئرمين جي حيثيت سان هي سندس پهريون ڀيرو آهي، جڏهن ته اڳوڻين ذميوارين دوران ڪيترائي ڀيرا ڪميٽي ۾ اچي چڪو آهي، نيب چيئرمين چيو ته کيس اها ذميواري 2023ع ۾ سونپي وئي هئي ۽ جنهن به وفاقي وزير سان ملاقات ٿي، سڀني چيو ته بيوروڪريسي ڊنل آهي ۽ ڪم نٿي ڪري، اجلاس دوران ڊي جي آپريشن نيب ڪميٽي کي بريفنگ ڏيندي ٻڌايو ته قانون تحت نيب کي جاچ جا اختيار حاصل آهن ۽ اداري کي قيام کان وٺي هيل تائين 5 لک 5 هزار 799 شڪايتون مليون آهن، هن چيو ته نيب اينٽي مني لانڊرنگ ايڪٽ 2010ع تحت جاچ وارو ادارو آهي، جنهن هيل تائين 12 هزار 147 انڪوائريون مڪمل ڪيون، 7 هزار 339 جاچون ڪيون ۽ 4 هزار 105 ريفرنس عدالتن ۾ داخل ڪيا، ڊي جي آپريشنز موجب گذريل ساڍن ٽن سالن دوران نيب کي 22 ارب 55 ڪروڙ 60 لک رپين جي بجيٽ ملي، جڏهن ته ان عرصي دوران 10 کرب 69 ارب 38 ڪروڙ رپين جون وصوليون ڪيون ويون. ٻئي پاسي سينيٽ جي قانون ۽ انصاف بابت  اسٽينڊنگ ڪميٽي جي چيئرمين فاروق ايڇ نائيڪ چيو آهي ته نيلم جهلم سميت جن منصوبن ۾ قومي خزاني کي نقصان پهچي رهيو آهي، انهن معاملن جي جاچ نيب کي ڪرڻ گهرجي، ميڊيا سان ڳالهائيندي فاروق ايڇ نائيڪ چيو ته نيلم جهلم منصوبي بابت هيل تائين صرف هڪ اجلاس ٿيو آهي، جڏهن ته ان معاملي تي وڌيڪ اجلاس پڻ ٿيندا، هن چيو ته ٻڌڻ ۾ آيو آهي ته نيلم جهلم منصوبي ۾ فنڊن جو غلط استعمال ٿيو آهي، جڏهن ته اها به ڄاڻ ملي آهي ته منصوبي ۾ ڏار پئجي ويا آهن ۽ اهو اڃا مڪمل طور شروع به نه ٿي سگهيو آهي، فاروق ايڇ نائيڪ چيو ته نيب کي انهن معاملن تي ڌيان ڏيڻ گهرجي، جتي قومي دولت کي نقصان پهچي رهيو هجي، ڇاڪاڻ⁠ ته اهڙن ڪيسن جي جاچ اداري جي بنيادي ذميواري آهي، ججن جي مقرري بابت سوال تي هن چيو ته سمري صدر وٽ موجود آهي، فيصلو صدر کي ڪرڻو آهي، جڏهن ته هو جوڊيشل ڪميشن جو ميمبر هجڻ سبب ان معاملي تي راءِ ڏيڻ مناسب نٿو سمجهي، هن وڌيڪ چيو ته ڪميٽي چيئرمين نيب کي اهو به چيو آهي ته نيب ميگا ڪرپشن جي خاتمي لاءِ قائم ڪيو ويو هو، انفرادي ننڍن ڪيسن پٺيان وڃڻ بدران وڏن ڪرپشن ڪيسن تي ڌيان ڏيڻ گهرجي، ڇو ته ننڍي سطح جي ڪرپشن لاءِ صوبن ۾ اينٽي ڪرپشن کاتا موجود آهن.

You might also like