ن ليگ کي آزاد ڪشمير جو مينڊيٽ مليو آهي، : رانا ثناءُ الله

حويلي(ع آ نيوز) مسلم ليگ ن جي اڳواڻ ۽ وزيراعظم جي سياسي معاملن بابت صلاحڪار رانا ثناءُ الله جو چوڻ آهي ته آزاد ڪشمير جي عوام سان ڪيل واعدا پورا ڪرڻ جو وقت اچي ويو آهي. حويلي ۾ چونڊ ريلي کي خطاب ڪندي رانا ثناءُ الله چيو ته ڪشميرين پنهنجو فيصلو ڏئي ڇڏيو آهي، مسلم ليگ ن کي آزاد ڪشمير جو مينڊيٽ مليو آهي، هاڻي تائين مسلم ليگ ن چونڊن ۾ 24 سيٽون کٽيون آهن، جڏهن ته آزاد ڪشمير جي حڪومت ٺاهڻ لاءِ 23 سيٽون ڪافي آهن. هن چيو ته آزاد ڪشمير ۾ جنهن طريقي سان چونڊون منصفانه ۽ شفاف طريقي سان ٿيون، ان جو ڪو مثال ناهي، آزاد ڪشمير جي عوام نواز شريف جي واعدن تي اعتماد ڪيو آهي، وقت اچي ويو آهي ته توهان سان ڪيل سڀئي واعدا پورا ڪيا وڃن. هن چيو ته آزاد ڪشمير ۾ ترقي تڏهن ٿي جڏهن پاڪستان ۽ آزاد ڪشمير ۾ مسلم ليگ (ن) جي حڪومت آئي. مسلم ليگ (ن) ڪشمير ۾ تعمير ۽ ترقي جي مثال قائم ڪندي. پنجاب ۾ شروع ڪيل ساڳيا منصوبا ڪشمير ۾ به شروع ڪيا ويندا.

You might also like