بنگلاديش جي 78 سالن جي عمر واري معزول اڳواڻ حسينه واجد کي سندس ملڪ بنگلاديش ۾ موت جي سزا جو حڪم جاري ٿيل آهي. ان جي باوجود به شيخ حسينه واجد پنهنجي ملڪ واپس ورڻ جو فيصلو ڪري ڇڏيو آهي.
جنوري 2024ع تي حسينه واجد بنگلاديش جي چونڊن ۾ مسلسل چوٿون ڀيرو ڪاميابي حاصل ڪئي، جڏهن سندس پارٽي، عوامي ليگ، 300 پارلياماني سيٽن مان 224 سيٽون کٽيون هيون، هن چونڊن ۾ مکيه سياسي تنظيمن بائيڪاٽ ڪيو هو ۽ ووٽرن جو تعداد پڻ گهٽ رهيو هو. 5 آگسٽ 2024ع تي ڪوٽا سڌارا ۽ عدم تعاون تحريڪ سبب هن استعيفيٰ ڏئي ڇڏي ۽ بنگلاديش مان ڀارت فرار ٿي وئي هئي. جيتوڻيڪ شروعات ۾ هي احتجاج سرڪاري نوڪرين ۾ ڪوٽا سڌارن بابت قانون سازي تائين محدود هو، پر احتجاج دوران ڪيترن ئي مظاهرين جي موت کان پوءِ، هيءَ تحريڪ وڌي حڪومت مخالف بغاوت ۾ تبديل ٿي وئي. هن تحريڪ جي وسيع ٿيڻ کان پوءِ، ملڪ جي خراب اقتصادي صورتحال، سياسي، سماجي ۽ انساني حقن جي ڀڃڪڙين، سرڪاري عملدارن پاران وڌندڙ ڪرپشن، حسينه واجد پاران ملڪ اندر آمراڻي نظام لاڳو ڪرڻ سبب ماڻهن وڏي تعداد ۾ هن احتجاج ۾ شرڪت ڪئي. 3 آگسٽ 2024ع تي، تعصب مخالف شاگرد تحريڪ جي اڳواڻن حسينه واجد جي استعيفيٰ جي هڪ نقطي واري مطالبي جو اعلان ڪيو ۽ حڪومت سان ”عدم تعاون“ جو مطالبو ڪيو. ٻئي ڏينهن، بنگلاديش ۾ پرتشدد چڪريون شروع ٿي ويون، جن ۾ شاگردن سميت 97 ڄڻا مارجي ويا. شاگرد تنظيم جي اڳواڻن 5 آگسٽ تي حسينه واجد کي اقتدار تان هٽائڻ لاءِ ڍاڪا ڏانهن مارچ جو سڏ ڏنو. ان ڏينهن، هزارين مظاهرين راڄڌاني مان نڪري وزيراعظم هائوس ڏانهن روانا ٿيا. بنگلاديش جي معياري وقت مطابق منجهند 2:30 وڳي، شيخ حسينه واجد استعيفيٰ ڏئي ڀارت جي اتر اوڀر رياست تريپورا جي گاديءَ واري هنڌ اگرتلا پهتي، جتي کيس ڀارت جي حڪومت پناهه ڏني.
ڀارت ۾ ٻن سالن جي جلاوطني کان پوءِ پنهنجي ملڪ واپس وڃڻ جو فيصلو ڪندي بنگلاديش جي اڳوڻي وزيراعظم شيخ حسينه واجد چيو ته، جيتوڻيڪ ان جي خلاف ملڪ ۾ موت جي سزا جو حڪم آيل آهي، ان جي باوجود پنهنجي ملڪ واپس وينديس. اها ڳالهه هن گذريل ڏينهن ڏکڻ ايشيا جي فارن ڪريسپانڊنٽس ڪلب (ايف سي سي) جي هڪ پروگرام ۾ وڊيو لنڪ ذريعي ڪئي. ان موقعي تي سندس پٽ واجد جوئي ۽ عوامي ليگ جا ٻيا اڳواڻ بشمول اڳوڻو وزيرِ تعليم محب الحسن چوڌري نوفيل به موجود هئا. هن چيو: ”مون کي حراست ۾ وٺي سگهجي ٿو، مون کي جيل به موڪلي سگهجي ٿو، پر منهنجي اُن فرض جو تعين ڪوبه خوف نه ٿو ڪري سگهي جيڪو آءُ عوام لاءِ ادا ڪرڻ چاهيان ٿي. آءُ پنهنجي پيارن ديس واسين جي مصيبتن کي ڏسي پري نه ٿي رهي سگهان.“ هن چيو ته واپسي جي صحيح تاريخ ”جڏهن وقت ايندو“ تڏهن ٻڌائي ويندي، پر هوءَ چاهي ٿي ته سندس واپسي هن سال ڊسمبر ۾ ٿئي. هن وڌيڪ چيو ته سندس پارٽي عوامي ليگ تي عائد پابندي ختم ڪئي وڃي. سندس پٽ چيو ته هو موجوده حڪومت سان رابطي ۾ نه آهن.
شيخ حسينه جو دورِ حڪومت (2009ع – 2024ع) جي 15 سالن جي دور ۾ بنگلاديش ۾ ڪافي ترقي ٿي ۽ معيشت تيزي سان وڌي. گارمينٽس انڊسٽري دنيا ۾ ٻئي نمبر تي آئي. غربت جي شرح گهٽجي وئي. پدما پل، ميٽرو ريل، ۽ ڪيترائي نوان رستا ۽ پاور پلانٽ ٺاهيا ويا. هندستان ۽ چين ٻنهي سان سٺا لاڳاپا رکيا. روهنگيا پناهگيرن کي پناهه ڏيڻ تي ساراهه ملي پر سندس حڪومت تي ڪجهه الزام به لڳندا رهيا، جن ۾ اپوزيشن کي دٻائڻ، ميڊيا تي پابندين ۽ چونڊن ۾ ڌانڌلي جا الزام شامل هئا. صحافين ۽ سوشل ميڊيا استعمال ڪندڙن خلاف سخت قانون استعمال ڪرڻ شامل هئا. 2024ع ۾ عوامي احتجاج سبب کيس استعيفا ڏيڻي پئي ۽ سندس حڪومت جو خاتمو اچي ويو. سيڪيورٽي فورسز سان جهڙپن ۾ لڳ ڀڳ 400 کان وڌيڪ ماڻهو مارجي ويا. ان کان پوءِ نوبل انعام يافته ڊاڪٽر محمد يونس جي سربراهي ۾ عبوري حڪومت ٺهي ۽ نئين حڪومت حسينه واجد خلاف ڪيترائي ڪيس داخل ڪيا ۽ ساڻس لاڳاپيل 6 ارب 20 ڪروڙ آمريڪي ڊالر ماليت جا اثاثا به ضبط ڪيا.
هن وقت بنگلاديش ۾ نئين چونڊن جي تياري ٿي رهي آهي ۽ شيخ حسينه واجد بنگلاديش واپس ورڻ جو اعلان ڪيو آهي. ڇا ان جي ان فيصلي کانپوءِ بنگلاديش ۾ سندس لاءِ ماحول سازگار رهندو؟ يا کيس چونڊ وڙهڻ جي اجازت ملندي؟ جيڪڏهن اسٽبلشمينٽ کيس وري چونڊن ۾ حصو وٺڻ جي اجازت ڏئي ٿي ته عوام طرفان کيس ڪهڙي موٽ ملندي؟ سندس بقول وطن واپسيءَ تي کيس گرفتار يا قتل به ڪري سگهجي ٿو، پر جيڪڏهن موت اچڻو ئي آهي ته هوءَ چاهي ٿي ته اهو سندس پنهنجي ڌرتيءَ تي اچي. شيخ حسينه واجد چيو ته وطن پهچڻ کانپوءِ عدالت آڏو پيش ٿيڻ جو ارادو رکان ٿي، جڏهن ته جلاوطني ختم ڪري واپسي واري منصوبي بابت ڍاڪا حڪومت سان سندس اڃا تائين ڪو به رابطو ناهي ٿيو، ڇو ته سندس پارٽيءَ جي اڳواڻن ۽ ڪارڪنن کي سخت دٻاءُ ۽ جبر کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي. ڏسجي ٿو ته هاڻوڪو فوجي سربراه وقار الزمان به حسينه واجد جو مائٽ آهي، حسينه واجد هن کي مائٽ هئڻ جي بنياد تي فوج جو سربراه مقرر ڪيو هو، جنهن حسينه واجد کي سيف ايگزٽ ڏئي ملڪ مان فرار ڪرائي اقتدار تي قبضو ڪري ويٺو.
حسينه واجد پنهنجي طويل دورِ اقتدار ۾ فوج کي اقتدار تي قبضي ڪرڻ کان روڪڻ جو ڪو آئيني قدم يا ڪا آئيني شق به پاس نه ڪرائي سگهي هئي، ڇو جو بنگالي فوج جو اقتدار تي قبضو ڪرڻ جو رڪارڊ موجود هو ۽ هاڻي پارليامينٽ، اسپيڪر ۽ صدر هوندي به فوج جو چيف آف آرمي اسٽاف آساني سان اقتداري معاملا هلائي ٿو. بنگالين جي تاريخ آهي ته هو جبر ۽ ناانصافي کي پسند نه ڪندا آهن، ان سان گڏوگڏ هو سخت مذهبي به آهن، سو جڏهن وقت هو مجيب جي مجسمي کي ٽوڙي مذهبي نعرا هڻي رهيا هئا ته ان تي تعجب نه کائڻ گهرجي. بنگالي اها قوم آهي جو جڏهن برصغير جا ڀاڱا ٿي رهيا هئا ته ڪلڪتي ۾ خوفناڪ فرقيوار فساد ٿيا هئا، جنهن ۾ سڄو ڪلڪتو لاشن جو انبار بڻجي چڪو هو، ۽ ان وقت بنگال هندو-مسلم فسادن جو ڳڙهه هو. هاڻي ڏسڻو اهو آهي ته بنگالي عوام وري عوامي ليگ جي حسينه واجد کي قبول ڪري ٿو يا کيس اقتدار کان پري رکي کيس ڪيل ڪوتاهين جو سزاوار قرار ڏئي ٿو.