انقرا (ويب ڊيسڪ) ترڪ صدر رجب طيب اردگان چيو آهي ته پاڪستان، سعودي عرب ۽ ترڪي وچ ۾ ٿيل دفاعي معاهدو ڪنهن به ملڪ خلاف ناهي.
سوشل ميڊيا پليٽ فارم ايڪس تي جاري ڪيل بيان ۾ رجب طيب اردگان چيو ته خطي ۾ امن، خوشحالي ۽ استحڪام جا خواهشمند سڀ ڀائر ملڪ به هن معاهدي ۾ شامل ٿي سگهن ٿا.
ترڪ صدر جو چوڻ هو ته ترڪي تڪرارن ۽ بحرانن جي حل لاءِ عالمي قانون جي احترام، ڳالهين ۽ سفارتڪاري تي ٻڌل پنهنجي اصولي موقف تي قائم رهندو.
رجب طيب اردگان موجب، معاهدو سيڪيورٽي ۽ دفاعي سهڪار کي هٿي ڏيڻ، دفاعي صنعت ۾ گڏيل منصوبن جي ترقي ۽ انتهاپسندي خلاف جدوجهد ۾ مددگار ثابت ٿيندو.
واضح رهي ته سعودي عرب، پاڪستان ۽ ترڪي ”مڪو گڏيل دفاعي معاهدي“ تي صحيحون ڪري چڪا آهن، جنهن تحت ٽنهي ملڪن مان ڪنهن هڪ تي حملو سڀني تي حملو تصور ڪيو ويندو.