شيخ حسينه سان ويجهڙايون، شڪيب الحسن لاءِ بنگلاديشي ٽيم ۾ واپسي جا در بند ٿيڻ لڳا

ڍاڪا (ويب ڊيسڪ)بنگلاديش جي ليجنڊري آل رائونڊر شڪيب الحسن جو پنهنجي گهر ۾ عالمي ڪرڪيٽ ڪيريئر جو الوداعي ميچ کيڏڻ وارو خواب هاڻي خطري ۾ نظر اچي رهيو آهي، ڇاڪاڻ ته سندس سياسي وابستگي سندس ڪرڪيٽ مستقبل تي سوال اٿاري رهي آهي.
شڪيب الحسن اڳوڻي وزيراعظم شيخ حسينه سان گڏ هڪ ورچوئل پريس ڪانفرنس ۾ شرڪت ڪئي، جنهن کانپوءِ سندس عالمي ڪرڪيٽ ۾ واپسي جا امڪان وڌيڪ گهٽجي ويا آهن.
رپورٽن موجب، شيخ حسينه 2024ع جي شاگرد تحريڪ کانپوءِ پهريون ڀيرو ميڊيا سامهون آئي، جنهن ۾ شڪيب الحسن ۽ سندس پارٽي جا ٻيا اڳواڻ پڻ شريڪ ٿيا.
ان ملاقات کان ڪجهه ڪلاڪن کانپوءِ اڻڄاتل ماڻهن شڪيب الحسن جي گهر جي درين کي نقصان پهچائڻ ۽ باهه لڳائڻ جي ڪوشش ڪئي، جنهن مان ظاهر ٿئي ٿو ته بنگلاديش واپسي تي کيس سخت ردعمل کي منهن ڏيڻو پئجي سگهي ٿو.
بنگلاديش جي نوجوانن ۽ راندين واري رياستي وزير امين الحق چيو آهي ته شڪيب لاءِ هاڻي قومي ٽيم ۾ واپسي جا امڪان نظر نٿا اچن.
هن چيو ته شڪيب هڪ ڪرڪيٽر جي حيثيت کان اڳتي وڌي سياسي سڃاڻپ اختيار ڪئي آهي، تنهنڪري واپسي جي صورت ۾ کيس قانوني معاملن کي منهن ڏيڻو پوندو.
بنگلاديش ڪرڪيٽ بورڊ (بي سي بي) جي ڊائريڪٽر سراج الدين محمد عالمگير پڻ چيو ته موجوده صورتحال کانپوءِ شڪيب جي سياسي سڃاڻپ سندس ڪرڪيٽر واري سڃاڻپ کان وڌيڪ نمايان ٿي وئي آهي.
هن چيو ته شڪيب پنهنجي سياسي سڃاڻپ لاءِ عالمي ڪرڪيٽ قربان ڪري ڇڏي آهي ۽ هاڻي کيس ڪرڪيٽر کان وڌيڪ هڪ سياسي شخصيت طور ڏٺو ويندو.
رپورٽ موجب، بنگلاديش ڪرڪيٽ بورڊ جا اڳوڻا صدر ڪيترائي ڀيرا شڪيب جي واپسي بابت اميد ظاهر ڪندا رهيا آهن، پر موجوده حڪومت جو موقف سخت نظر اچي رهيو آهي.
شڪيب الحسن اڳ ۾ ڪيترن ئي موقعن تي چيو هو ته هو پنهنجي گهر ۾ آخري عالمي ميچ کيڏي رٽائر ٿيڻ چاهي ٿو، پر موجوده سياسي صورتحال سندس ان خواهش کي متاثر ڪري سگهي ٿي.

 

You might also like