ڪرڪيٽ (ويب ڊيسڪ) اڳوڻي ڀارتي ڪپتان اجنڪيا رهاڻي يورپي ٽي ٽوئنٽي پريميئر ليگ (اِي ٽِي پِي ايل) لاءِ ايمسٽرڊيم فليمز سان معاهدو ڪري ورتو آهي.
اجنڪيا رهاڻي ويجهڙ ئي عالمي ڪرڪيٽ ۽ انڊين پريميئر ليگ (آءِ پي ايل) تان رٽائرمينٽ جو اعلان ڪيو هو، جنهن کانپوءِ هاڻي هو يورپي فرنچائز ڪرڪيٽ ۾ نئين سفر جي شروعات ڪندو.
ايمسٽرڊيم فليمز جي شريڪ باني ۽ چيف ڪرڪيٽ آفيسر اڳوڻي آسٽريلوي ڪپتان اسٽيو وا چيو ته اجنڪيا رهاڻي هڪ اهڙو رانديگر آهي، جنهن ۾ مهارت، جدوجهد، عاجزي ۽ قيادت جون خوبيون موجود آهن.
اسٽيو وا چيو ته رهاڻي پنهنجي ڪارڪردگي سان گڏ ميدان اندر ۽ ٻاهر پنهنجي روين سبب ڪرڪيٽ جي دنيا ۾ عزت حاصل ڪئي آهي.
رهاڻي پنهنجي بيان ۾ چيو ته يورپ ڪرڪيٽ لاءِ هڪ دلچسپ مرحلي ۾ داخل ٿي رهيو آهي ۽ هتي هن راند جي واڌ ويجهه جا وڏا امڪان موجود آهن.
هن چيو ته ايمسٽرڊيم فليمز جو مقصد رڳو ڪرڪيٽ کيڏڻ نه پر هڪ اهڙو ادارو اڏڻ آهي، جيڪو ڊگهي عرصي تائين اثر ڇڏي سگهي.
واضح رهي ته ايمسٽرڊيم فليمز جي اسڪواڊ جي قيادت آسٽريليا جي ٽي ٽوئنٽي ڪپتان مچل مارش ڪندو، جڏهن ته ٽيم ۾ اسٽيو سمٿ، ٽم ڊيوڊ ۽ مائيڪل بريسوِل جهڙا وڏا نالا پڻ شامل آهن. ٽيم جو هيڊ ڪوچ ريان ڪڪ هوندو.
يورپي ٽي ٽوئنٽي پريميئر ليگ آئرلينڊ، ناردرن آئرلينڊ، اسڪاٽلينڊ ۽ هالينڊ جي ڪرڪيٽ بورڊن جي منظوري سان ٿيندڙ فرنچائز ليگ آهي، جنهن ۾ 6 ٽيمون حصو وٺنديون.
ليگ جو پهريون سيزن 26 آگسٽ کان شروع ٿيندو، جنهن ۾ 30 ليگ ميچن کانپوءِ 19 سيپٽمبر تي ڪواليفائر ۽ 20 سيپٽمبر تي فائنل کيڏيو ويندو.
You might also like