ڪئليفورنيا (ويب ڊيسڪ) آمريڪي رياست ڪئليفورنيا جي اولڊ ٽائون يوريڪا واري علائقي ۾ ڪتابن جي دڪان بڪ ليگرز جي عملي کي ان وقت خوشگوار حيرت ٿي، جڏهن کين هڪ پيڪٽ مان اهڙو ڪتاب مليو، جيڪو 40 سال اڳ دڪان مان چوري ڪيو ويو هو.
پيڪٽ ۾ ڪتاب سان گڏ هڪ معافي نامو ۽ 100 ڊالر به رکيل هئا.
پرڏيهي ميڊيا موجب، خط موڪليندڙ شخص لکيو ته هو ان وقت شاگرد هو ۽ شراب جو عادي بڻجي ويو هو، جڏهن ته کيس پئسن جي سخت ضرورت هئي، جنهن سبب هن اهو ڪتاب چوري ڪيو هو.
هن ٻڌايو ته تازو گهر جي گيراج جي صفائي دوران اهو ڪتاب هڪ دٻي مان مليو، جنهن کانپوءِ هن ان کي واپس ڪرڻ جو فيصلو ڪيو.
اڻڄاتل شخص خط ۾ لکيو ته دڪان اڃا تائين کليل هجڻ جي خبر پوڻ تي کيس خوشي ٿي ۽ هن ڪتاب واپس ڪرڻ سان گڏ پنهنجي پراڻي غلطي تي معافي وٺڻ مناسب سمجهيو.
دڪان جي مالڪ جينيفر ميڪفيڊين چيو ته خط پڙهي هوءَ ۽ سندس ملازم تمام گهڻو متاثر ٿيا.
هن چيو ته 40 سالن کانپوءِ پنهنجي غلطي تي پڇتاءُ محسوس ڪرڻ ۽ ان کي درست ڪرڻ جي ڪوشش ڪرڻ هڪ نهايت حيرت جوڳي ڳالهه آهي.
چاليهه ورهين کانپوءِ چوري ڪيل ڪتاب جي واپسي، چور مالڪ ڏانهن معافي نامي سان گڏ سئو ڊالر به اُماڻيا!
You might also like