چيٽ جِي پِي ٽِي ” مفتن“ کي ٽيڪائي ڇڏيو، وڏي سهولت متعارف

اوپن اي آءِ چيٽ جي پي ٽي جي مفت واهپيدارن لاءِ وڏي سهولت جو اعلان ڪيو آهي.
ڪمپني موجب، نئين هٿرادو ڏاهپ واري ٽيڪنالوجي (اي آءِ) ماڊل جي پي ٽي 5.6 ليونا تي ٻڌل لامحدود چيٽ جي سهولت مفت واهپيدارن کي فراهم ڪئي ويندي.
هن وقت چيٽ جي پي ٽي جا مفت ۽ گو سبسڪرائبر جي پي ٽي 5.5 استعمال ڪري رهيا آهن، پر جلد ئي کين نئون ليونا ماڊل دستياب هوندو.
اوپن اي آءِ چيو آهي ته ان اپڊيٽ جو مقصد ڪمپني جي جديد اي آءِ فيچرز کي وڌيڪ ماڻهن تائين پهچائڻ آهي.
ڪمپني چيٽ جي پي ٽي ۾ ”ٿنڪ بٽڻ“ به ٻيهر متعارف ڪرائي رهي آهي، جنهن سان ڏُکين سوالن جا وڌيڪ بهتر جواب ماڻڻ ۾ مدد ملندي.
اوپن اي آءِ جي چيف ايگزيڪيوٽو سام آلٽمين موجب، انهن تبديلين سان جديد اي آءِ ٽيڪنالاجي کي عام ماڻهن لاءِ وڌيڪ آسان ۽ دستياب بڻائڻ واري مقصد جي عڪاسي ٿئي ٿي.
نئين اپڊيٽ جو سڀ کان وڏو فائدو چيٽ تي ٻڌل ڳالهين لاءِ حد ختم ڪرڻ آهي، جڏهن ته تصويرون ٺاهڻ، فائل اپلوڊ ۽ ٻين جديد ڊيوائسز جي استعمال تي حدون برقرار رهنديون.
اوپن اي آءِ موجب، جي پي ٽي 5.6 ليونا ۾ ماهوار فيس ادا ڪندڙ واهپيدارن لاءِ نوان فيچرز شامل ڪيا پيا وڃن، جڏهن ته اڳ ۾ موجود سهولتن کي به وڌيڪ بهتر بڻايو پيو وڃي.
ڪمپني جو چوڻ آهي ته نئون اي آءِ ماڊل هن وقت چيٽ جي پي ٽي پلس ۽ پرو سبسڪرائبرز لاءِ موجود آهي، جڏهن ته مفت ۽ گو صارفين لاءِ به جلد جاري ڪيو ويندو.

You might also like