پاڪستان ۽ ترڪيه سان ”ڪاغذي معاهدو“ سعودي کي بچائي نٿو سگهي:ايران

تهران (ويب ڊيسڪ) ايراني پارليامينٽ جي قومي سلامتي ۽ پرڏيهي پاليسي ڪميٽي جي ميمبر ابراهيم رضائي چيو آهي ته سعودي عرب جو پاڪستان ۽ ترڪي سان نئون دفاعي معاهدو سعودي عرب جي حفاظت جي ضمانت نٿو ڏئي سگهي.
سوشل ميڊيا تي جاري ڪيل بيان ۾ ابراهيم رضائي چيو ته سعودي عرب کي سمجهڻ گهرجي ته ترڪي ۽ پاڪستان سان ٿيل هي ”ڪاغذي معاهدو“ اهو تحفظ فراهم نه ڪندو، جيڪو آمريڪا تي ڏهاڪن تائين هڪ طرفي ڀاڙڻ باوجود کيس حاصل نه ٿي سگهيو.
هن چيو ته سعودي عرب کي گهرجي ته پنهنجي پاليسين ۾ تبديلي آڻي، جيئن کيس تحفظ لاءِ ٻين ملڪن آڏو هٿ ٽنگڻ جي ضرورت نه پوي.
ايراني اڳواڻ جو اهو بيان اهڙي وقت سامهون آيو آهي، جڏهن سعودي عرب، پاڪستان ۽ ترڪي وچ ۾ گڏيل دفاعي معاهدي تي صحيحون ڪيون ويون آهن.
سعودي عرب، پاڪستان ۽ ترڪي وچ ۾ ٿيل معاهدي تحت طئي ڪيو ويو آهي ته ٽنهي ملڪن مان ڪنهن هڪ تي ٿيندڙ هٿياربند حملو، ٽنهي ملڪن خلاف حملو تصور ڪيو ويندو.
واضح رهي ته مڪي جي قصر الصفا ۾ ٿيل گڏيل دفاعي اجلاس ۾ سعودي ولي عهد محمد بن سلمان، پاڪستان جي وزيراعظم شهباز شريف ۽ ترڪ صدر رجب طيب اردگان شرڪت ڪئي، جنهن کانپوءِ ”مڪي گڏيل دفاعي معاهدي“ تي صحيحون ڪيون ويون.

You might also like