ڪيريبين پريميئر ليگ اڄ کان شروع، پاڪستاني ڪرڪيٽر اين او سي جي اوسيئڙي ۾

لاهور (ويب ڊيسڪ) قومي ڪرڪيٽرن کي ڪيريبين پريميئر ليگ (سي پي ايل) لاءِ اين او سي 19 آگسٽ تي جاري ڪيا ويندا.
ذريعن موجب، سي پي ايل اڄ کان شروع ٿي رهي آهي، جڏهن ته فائنل 20 سيپٽمبر تي کيڏيو ويندو.
ذريعن موجب، نيشنل چيمپئنز ڪپ ۾ شرڪت سبب قومي ڪرڪيٽرن کي اين او سي 19 آگسٽ کان ملندا، نيشنل چيمپئنز ڪپ 11 کان 18 آگسٽ تائين ملتان ۾ کيڏيو پيو وڃي.
صائم ايوب، شاداب خان، عثمان خان، معاذ صداقت، نسيم شاهه ۽ سفيان مقيم جو سي پي ايل ۾ معاهدو آهي، جڏهن ته اهي ڪرڪيٽر چيمپئنز ڪپ لاءِ مختلف ٽيمن جو حصو آهن.
عثمان طارق ۽ حُنين شاهه به سي پي ايل ۾ شامل آهن، جڏهن ته اهي چيمپئنز ڪپ جو حصو ناهن.

 

You might also like