ٻارن جي ذهني صحت ۽ جنسي استحصال جا تفصيل لڪائڻ تي ميٽا مٿان 94 ڪروڙ 20 لک ڊالر ڏنڊ

نيو ميڪسيڪو (ويب ڊيسڪ) هڪ آمريڪي عدالت فيس بُڪ جي سرپرست ڪمپني ميٽا تي ٻارن جي ذهني صحت تي متاثر ڪرڻ تي ڪروڙين ڊالرن جو ڏنڊ لاڳو ڪري ڇڏيو آهي.
نيو ميڪسيڪو جي عدالت ميٽا خلاف هلندڙ تاريخ ساز ڪيس جي ٻئي مرحلي دوران اهو فيصلو ٻڌايو.
مارچ 2026ع ۾ سوشل ميڊيا ڪمپني کي ان ڪيس ۾ شڪست کي منهن ڏيڻو پيو هو.
ان وقت عدالتي جيوري پتو لڳايو هو ته ڪمپني ڄاڻي واڻي ٻارن جي ذهني صحت کي نقصان پهچائي رهي هئي، جڏهن ته ٻارن جي جنسي استحصال جي تفصيلن کي لڪائي رهي هئي، جنهن تي 37 ڪروڙ 50 لک ڊالرن جو ڏنڊ لاڳو ڪيو ويو هو.
هاڻي عدالت نئين فيصلي ۾ ڪمپني تي وڌيڪ 56 ڪروڙ 70 لک ڊالرن جو ڏنڊ لاڳو ڪيو آهي ۽ مجموعي ڏنڊ 94 ڪروڙ 20 لک ڊالر ٿي ويو آهي.
عدالت جي جج برائن بائيڊشيلڊ موجب، ڏنڊ جي رقم مان 42 ڪروڙ ڊالر نيو ميڪسيڪو ۾ نوجوانن کي طبي علاج فراهم ڪندڙ خدمتن لاءِ ڏنا ويندا.
اهڙيءَ طرح باقي رقم ايندڙ 5 سالن دوران جاڳرتا مهم، خدمتن جي اسڪريننگ ۽ ٻين شعبن ۾ خرچ ڪئي ويندي.
عدالتي ٻڌڻي جي ٻئي مرحلي جي شروعات مئي ۾ ٿي ۽ پراسيڪيوٽرز عدالت کان مطالبو ڪيو هو ته ميٽا اندر بنيادي تبديليون ڪيون وڃن، جيئن ان جي انهن فيچرز کي ڪنٽرول ڪري سگهجي جيڪي سوشل ميڊيا پليٽ فارم کي لت ۾ تبديل ڪن ٿا، عمر جي سڃاڻپ جي طريقيڪار کي بهتر بڻايو وڃي ۽ ٻارن جي جنسي استحصال جي روڪٿام ڪئي وڃي.
عدالت جي فيصلي ۾ ٻين تبديلين جي هدايت پڻ ڪئي وئي آهي، جنهن ۾ فيس بُڪ ۽ انسٽاگرام لاءِ بينر ۽ معلوماتي اسڪرينز تيار ڪرڻ شامل آهي، جن ۾ حفاظتي فيچرز ۽ ڊيوائس جي واضح وضاحت ڪئي وڃي.
انهن تبديلين سان گڏ نيو ميڪسيڪو ۾ هڪ تعليمي مهم شروع ڪرڻ جي به هدايت ڪئي وئي آهي.
ٻئي پاسي ميٽا جي هڪ ترجمان چيو آهي ته ڪمپني عدالتي فيصلي سان اتفاق نٿي ڪري ۽ ان خلاف اپيل ڪرڻ جو منصوبو رکي ٿي.
ترجمان موجب، اسان پنهنجي پليٽ فارم تي ماڻهن جي تحفظ کي يقيني بڻائڻ لاءِ سخت محنت ڪري رهيا آهيون، جنهن لاءِ خراب عنصرن ۽ نقصانڪار مواد کي هٽائڻ تي ڪم ڪري رهيا آهيون.

You might also like