”پهريان مُلڪي، پوءِ پئسن واري ڪرڪيٽ“، آسٽريلوي رانديگرن لاءِ نئين پاليسي لاڳو

ميلبورن (ويب ڊيسڪ) آسٽريلوي ڪرڪيٽ بورڊ (ڪرڪيٽ آسٽريليا) پنهنجي رانديگرن کي پرڏيهي ليگز بدران پنهنجي ليگز کي ترجيح ڏيڻ جي هدايت ڪئي آهي.
پرڏيهي ميڊيا رپورٽن موجب، مچل مارش ۽ ميٽ شارٽ جو ڏکڻ آفريڪا ٽي ٽوئنٽي ليگ لاءِ معاهدو ٿيو آهي.
ڪرڪيٽ آسٽريليا موجب، آل رائونڊر مچل مارش ۽ ميٽ شارٽ کي بي بي ايل اسائنمينٽ پوري ٿيڻ کانپوءِ رليز ڪيو ويندو، جڏهن ته مچل مارش ۽ ميٽ شارٽ بي بي ايل جي مڪمل ايڊيشن لاءِ موجود هوندا.
ٻئي پاسي آسٽريلوي ٽي ٽوئنٽي ڪپتان مچل مارش ۽ ميٽ شارٽ پهريون ڀيرو ڏکڻ آفريڪا ليگ کيڏندا.
ياد رهي ته ايس اي ٽي ٽوئنٽي 17 جنوري کان شروع ٿيندي، جڏهن ته بي بي ايل 12 ڊسمبر کان 26 جنوري تائين جاري رهندي.

 

You might also like