سنڌ جي سرڪاري اسڪولن جي وقتن بابت نئون شيڊيول جاري

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ جي اسڪول ايجوڪيشن کاتي سرڪاري اسڪولن جي وقتن بابت نئون شيڊيول جاري ڪري ڇڏيو.
صوبائي اسڪول ايجوڪيشن کاتي طرفان جاري ڪيل نوٽيفڪيشن موجب، پرائمري، ايليمينٽري، سيڪنڊري ۽ هائر سيڪنڊري اسڪولن لاءِ نوان وقت مقرر ڪيا ويا آهن.
نوٽيفڪيشن موجب، 31 آڪٽوبر تائين سنگل شفٽ پرائمري اسڪول صبح 8 وڳي کان منجهند اڍائي وڳي تائين کليل هوندا، جڏهن ته جمعي ڏينهن سنگل شفٽ پرائمري اسڪول صبح 8 وڳي کان منجهند 1 وڳي تائين کليل رهندا.
نوٽيفڪيشن موجب، 31 آڪٽوبر تائين سيڪنڊري ۽ هائر سيڪنڊري اسڪولن جي پهرين شفٽ صبح ساڍي ستين وڳي کان منجهند ڏيڍ وڳي تائين هوندي.
اهڙيءَ ريت پهرين نومبر کان 31 مارچ تائين سنگل شفٽ پرائمري اسڪول صبح 8:30 وڳي کان منجهند 3 وڳي تائين کليل هوندا، جڏهن ته پهرين نومبر کان 31 مارچ تائين پهرين شفٽ صبح 8 وڳي کان منجهند 1:45 وڳي تائين هوندي.
ٻي شفٽ 31 آڪٽوبر تائين سومر کان خميس منجهند 1 وڳي کان شام 6 وڳي تائين هوندي، جڏهن ته پهرين نومبر کان 31 مارچ تائين ٻي شفٽ منجهند پوڻي هڪ وڳي کان شام پوڻي 6 وڳي تائين جاري رهندي.
جمعي ڏينهن ٻي شفٽ جي ٽائمنگ صبح پوڻي 11 وڳي کان منجهند سوا 2 وڳي تائين هوندي.

 

You might also like