ڪراچي انٽر بورڊ ٻارهين جماعت آرٽس ريگيولر گروپ جي نتيجن جو اعلان

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) اعليٰ ثانوي تعليمي بورڊ ڪراچي انٽرميڊيئيٽ ٻارهين جماعت آرٽس ريگيولر گروپ جي سالياني امتحانن 2026ع جي نتيجن جو اعلان ڪري ڇڏيو.
ڪراچي انٽر بورڊ جي چيئرمين فقير محمد لاکو نتيجن جو اعلان ڪندي چيو ته آرٽس ريگيولر گروپ جي امتحانن ۾ اقرا حفاظ گرلز سائنس ڪاليج، بلاڪ بي، نارٿ ناظم آباد جي شاگردياڻي انشرا بنت محمد توفيق، ڪل 1100 مان 926 نمبر ماڻي اي ون گريڊ سان پهرين پوزيشن حاصل ڪئي.
ٻي پوزيشن گورنمينٽ ڊگري ڪاليج ڪونڪر وليج، گڏاپ جي شاگرد عاقب رزاق ولد عبدالرزاق 919 نمبرن سان اي ون گريڊ حاصل ڪري ماڻي.
ان کانسواءِ اقرا حفاظ گرلز سائنس ڪاليج، بلاڪ بي، نارٿ ناظم آباد جي شاگردياڻي حميرا بنت محمد شاڪر لاکاڻي 918 نمبر کڻي اي ون گريڊ سان ٽين پوزيشن حاصل ڪئي.

You might also like