پيٽروليم ليوي خلاف جماعت اسلامي جا ملڪ گير ڌرڻا، قومي شاهراهه بند

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پيٽروليم ليوي خلاف جماعت اسلامي جي سڏ تي ملڪ گير احتجاجي ڌرڻن جو سلسلو شروع ٿي ويو، ڪارڪنن مختلف شهرن ۾ اهم شاهراهن تي ڌرڻا هڻي روڊ بند ڪري ڇڏيا.
جماعت اسلامي جي ترجمان موجب، امير جماعت اسلامي پاڪستان حافظ نعيم الرحمان جي اپيل تي سڄي ملڪ ۾ 510 روڊن کي بند ڪيو ويندو، جڏهن ته وڏين شاهراهن کي بند ڪرڻ جو سلسلو شروع ڪيو ويو آهي.
جماعت اسلامي ڪراچي جي ترجمان موجب، ڪارڪنن شهر جي مصروف شاهراهن اورنگي ۽ حب ريور روڊ کي بند ڪري ڇڏيو آهي. اطلاعن موجب، جماعت اسلامي جي ڪارڪنن نيشنل هاءِ وي تي به ڌرڻو هنيو، جنهن سبب ٽريفڪ جي روانگي معطل ٿي وئي.
لاهور ۾ قرطبه چوڪ ۽ اسلام آباد ۾ 26 نمبر اسٽاپ تي احتجاج ۽ ڌرڻو هنيو ويندو، جڏهن ته ڪوئيٽا ۾ ميان غنڊي چوڪ، پشاور ۾ ٽول پلازا ۽ ملتان ۾ بوسن روڊ تي ڌرڻو لڳندو.
ڪرڪ ۾ انڊس هاءِ وي، بنون ۾ سي پيڪ چوڪ ۽ چڪدره ۾ انٽرچينج تي پڻ ڌرڻا هنيا ويندا، جن جي قيادت جماعت اسلامي جا صوبائي ۽ ضلعي عهديدار ڪندا.
جماعت اسلامي ڪراچي جي امير منعم ظفر خان پنهنجي وڊيو بيان ۾ چيو آهي ته احتجاج دوران روڊ بند رهندا ۽ رڳو ايمبولينسن کي گذرڻ جي اجازت ڏني ويندي.
منعم ظفر خان چيو ته ڪراچي ۾ شام 4 وڳي مختلف شاهراهن تان احتجاجي قافلا روانا ٿيندا، جيڪي مزار قائد تي گڏ ٿيندا، جتان وڏو احتجاجي قافلو شارع فيصل ڏانهن روانو ٿيندو.
هن وڌيڪ چيو ته پيٽروليم ليوي واپس وٺڻ تائين احتجاج جاري رهندو، عوام پنهنجي اجتماعي سگهه جو مظاهرو ڪري ته مطالبا مڃرائي سگهي ٿو ، 25 ڪروڙ پاڪستاني گڏ ٿي پنهنجا حق حاصل ڪري سگهن ٿا.
جماعت اسلامي ڪراچي جي امير عوام کي احتجاج ۾ شرڪت جي اپيل ڪندي چيو ته پنهنجي حقن لاءِ عوام ڀرپور ڪردار ادا ڪري.

 

You might also like