فوجي عدالتن ۾ شهرين جي ٽرائل خلاف فيصلو ڏيندڙ جسٽس مسرت هلالي رٽائر

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) سپريم ڪورٽ جي جج جسٽس مسرت هلالي رٽائر ٿي ويون، سندس رٽائرمينٽ جي موقعي تي سپريم ڪورٽ ۾ فل ڪورٽ ريفرنس منعقد ڪيو ويو.
سپريم ڪورٽ جي پرنسپل سيٽ تي ٿيل فل ڪورٽ ريفرنس ۾ 9 جج شامل ٿيا، جڏهن ته 7 جج وڊيو لنڪ ذريعي ريفرنس ۾ شريڪ ٿيا.
چيف جسٽس يحيٰ آفريدي فل ڪورٽ ريفرنس کي خطاب ڪندي چيو ته جسٽس مسرت هلالي هڪ سال سوات بئنچ ۾ به خدمتون انجام ڏنيون، جتي هوءَ هڪ عام گاڏي ۾ سفر ڪندي رهي، کيس هڪ مرڪندڙ ۽ بهادر جج طور ياد رکيو ويندو.
جسٽس مسرت هلالي پنهنجي خطاب ۾ چيو ته جج ايندا ويندا رهندا آهن، پر انصاف هميشه قائم رهڻ گهرجي.
اڄ رٽائر ٿيندي مطمئن آهيان ته جيڪو ڪجهه ڪيو، اهو منهنجي والدين جي دعائن ۽ ساٿي ججن جي سهڪار سان ممڪن ٿيو.
هن چيو ته هوءَ پشاور هاءِ ڪورٽ جي پهرين عورت چيف جسٽس ۽ خيبرپختونخوا مان سپريم ڪورٽ جي پهرين عورت جج بڻي، هوءَ خيبرپختونخوا جي پهرين عورت هئي، جنهن بار جو چونڊ وڙهيو ۽ ڪاميابي حاصل ڪئي.
جسٽس مسرت هلالي پنهنجي مرحوم والدين جو ذڪر ڪندي جذباتي ٿي وئي ۽ چيو ته هوءَ پنهنجي والدين جي ٿورائتي آهي، جن جي ڪري اڄ هتي پهتي آهي. پيءُ سان زندگيءَ جو تمام ٿورو وقت گذاريو، پر سڀ ڪجهه کائنس ئي سکيو.
فل ڪورٽ ريفرنس ۾ اٽارني جنرل منصور عثمان اعواڻ جو پيغام پڻ پڙهي ٻڌايو ويو، جيڪو ايڊيشنل اٽارني جنرل عامر رحمان پيش ڪيو.
اٽارني جنرل پنهنجي پيغام ۾ چيو ته جسٽس مسرت هلالي پشاور هاءِ ڪورٽ جي پهرين عورت چيف جسٽس رهي.
هن فوجي عدالتن ۾ شهرين جي ٽرائل روڪڻ واري فيصلي کي ڪالعدم قرار ڏنو ۽ فوجي عدالتن بابت فيصلي کي انٽرا ڪورٽ اپيل ۾ معطل ڪرڻ جي مخالفت ڪئي.
سندس چوڻ هو ته سپريم ڪورٽ فوجي عدالتن جي سزا يافته جوابدارن کي اپيل جو حق ڏيڻ جون هدايتون جاري ڪيون.
سپريم ڪورٽ بار ايسوسيئيشن جي صدر فل ڪورٽ تقريب کي خطاب ڪندي چيو ته سياسي پارٽين وچ ۾ بامقصد ڳالهين ئي مسئلن جو واحد حل آهن.
سپريم ڪورٽ بار نون صوبن جي جوڙجڪ جي مڪمل حمايت ڪري ٿي ۽ جسٽس مسرت هلالي کي شاندار عدالتي ڪيريئر تي ڀيٽا پيش ڪري ٿي.
هن چيو ته نوان صوبا گورننس، معاشي ترقي ۽ سياسي استحڪام جو سبب بڻجي سگهن ٿا، سمورن حل طلب معاملن تي نتيجا ڏيندڙ ۽ سنجيده ڳالهيون ٿيڻ گهرجن.
هن صدر کان مطالبو ڪيو ته جڊيشل ڪميشن ذريعي ڪيل مقررين جي منظوري ۾ دير نه ڪئي وڃي، ڇاڪاڻ ته انهن کي التوا ۾ رکڻ ملڪ ۽ آئين جي مفاد خلاف آهي.

 

You might also like