لاڙڪاڻي ۾ پيٽرول اگهن ۾ واڌ خلاف جماعت اسلامي عورت ونگ جو احتجاج

ڪراچي/لاڙڪاڻو (پ ر/نمائندا) جماعت اسلامي سنڌ جي امير ڪاشف سعيد شيخ چيو آهي ته حڪومت جي نااهلي سبب مهانگائي جي طوفان عوام جي چيلهه چٻي ڪري ڇڏي آهي، پيٽرول مهانگو ٿيڻ سان ٽرانسپورٽ، کاڌ خوراڪ ۽ ٻين شين جي قيمتن ۾ اضافو ٿي ويو آهي، جنهن جو سڀ کان وڌيڪ بار غريب عورتن ۽ ٻارن تي پئجي رهيو آهي، جماعت اسلامي حافظ نعيم الرحمان جي قيادت ۾ عوام جي حقن لاءِ مسلسل آواز اٿاريندي رهي آهي، پوري ملڪ ۾ پيٽرول اگهن ۾ مسلسل اضافي ۽ ليوي ٽيڪس خلاف اسان جي تحريڪ جاري آھي، اسان چاھيون ٿا ته پيٽرول جي في ليٽر قيمت تي 125 رپيا جيڪا ليوي جي نالي تي ٽيڪس جي صورت ۾ ڀتو وصول ڪيو پيو وڃي ان کي فوري طور تي ختم ڪري پيٽرول جي قيمت 225 رپيا مقرر ڪئي وڃي، ڪاشف سعيد شيخ جماعت اسلامي جي عورت ونگ پاران پيٽرول، ڊيزل ۽ ٻين ضروري شين جي قيمتن ۾ ڳاٽي ٽوڙ اضافي خلاف جاري ملڪ گير تحريڪ جي سلسلي ۾ لاڙڪاڻي ۾ سچل ڪالوني کان لاھوري ريگيولر تائين نڪتل هڪ ريليءَ کي خطاب ڪندي ڪيو، ان موقعي تي جماعت اسلامي ضلع لاڙڪاڻي جي امير ايڊوڪيٽ نادر علي کوسو، مقامي امير رميز راجا شيخ، عورت ونگ اڳواڻ فريده عظيم ۽ ٻين مقامي اڳواڻن پڻ خطاب ڪيو، ان موقعي تي وڏي انگ ۾ عورتن ۽ ٻارن شرڪت ڪئي ۽ هٿن ۾ پلي ڪارڊ ۽ بينر کڻي ”پيٽرول سستو ڪريو“عوام کي رليف ڏيو“ جا نعرا هڻي رهيا هئا، ڪاشف سعيد شيخ وڌيڪ چيو ته پيٽروليم مصنوعات جي اگهن ۾ گهٽتائي کان ٺُپ جواب ڏيندي حڪمران هر ڀيري آءِ ايم ايف جو بهانو بڻائين ٿا پر پنهنجي عياشين، مراعاتن کان ويندي چئيرمين سينيٽ، اسپيڪر ۽ قومي توڙي سينيٽ جي ميمبرن جي پگهارن ۾ چارسئو ڀيرا واڌ کان وٺي لگزري گاڏيون ۽ لگزري جهاز خريد ڪرڻ ۾ منٽ به نٿا لڳائن جڏهن ته عوامي تنقيد جو مثبت جواب ڏيڻ بدران وزير ۽ مشير اسمبلين ۾ سيني تي هٿ هڻي چون ٿا ته ” هان ڀئي جهاز خريدا هئي“ اهڙن بي حس ۽ ظالم حڪمرانن کي اقتدار کان بي دخل ۽ ظلم کان روڪڻ لاءِ حافظ نعيم الرحمان جي اڳواڻي ۾ جماعت اسلامي ميدان ۾ لٿل آهي، اڄ سڄي ملڪ وانگر سنڌ ۾ به ڪراچي کان ڪشمور ۽ ڪينجهر کان اسلام ڪوٽ تائين احتجاجي مظاهرا ۽ روڊن تي گاڏيون بند ڪري ڌرڻا لڳايا ويندا. عوام پنهنجي حقن ۽ ڳاٽي ٽوڙ مهانگائي توڙي هر روز پيٽرول جي اگهن ۾ اضافي خلاف جماعت اسلامي جي هن احتجاج ۾ ڀرپور شرڪت ڪري پنهنجي سجاڳي جو ڀرپور مظاهرو ڪري ته جيئن ظالم حڪمران ٽولي کان نجات ۽ مهانگي پيٽرول کان جند آجي ٿي سگهي.

You might also like