يورپي سامراج جو اهم هٿيار – پاڻ مهذب، ٻيا غير مهذب

ڊاڪٽر مبارڪ علي

جڏهن يورپي سامراج ايشيا ۽ آفريڪا ۾ پنهنجون ڪالونيون قائم ڪيون ته هن پاڻ کي مهذب ۽ ڪالونين جي ماڻهن کي غير مهذب قرار ڏئي پنهنجي غاصباڻي قبضي کي جائز ثابت ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي. يورپ جي گهڻن دانشورن به سامراج جي حمايت ڪندي ان کي صحيح قرار ڏنو. يورپ جي ترقي مرحليوار ٿي. ان جي سياحن ۽ واپارين خشڪي ۽ سمنڊ جا نوان رستا ڳولي لڌا. صنعتي انقلاب سرمائيداري نظام کي جنم ڏنو. ايشيا ۽ آفريڪا جي ملڪن تي قبضو ڪري انهن کي پنهنجي شين جي مارڪيٽ بڻايو ويو ۽ اتان خام مال آڻي پنهنجين ڪارخانن ۾ پيداوار وڌائي وئي.

يورپي ملڪن جي پاڻ ۾ ٿيندڙ جنگين خطرناڪ هٿيارن جي تياري ۽ فوجي طاقت ۾ اضافو ڪيو. سياسي، سماجي ۽ معاشي استحڪام سان گڏ انهن ۾ سفيد نسل جي برتريءَ جو تصور پيدا ٿيو، جنهن جي بنياد تي اهي سامراجي قوت بڻجي ايشيا ۽ آفريڪا جي ڪيترن ئي ملڪن تي قابض ٿي ويا. هن موضوع تي جان ايم. هابسن جي ڪتاب "The Eurocentric Conception of World Politics” جو خاص ذڪر ملي ٿو. هن يورپي سامراج کي ٻن حصن ۾ ورهايو آهي: هڪ سامراج جا حامي ۽ ٻيا سامراج جا مخالف. سامراج جي حامين جو موقف هو ته يورپي تهذيب ٻين کان برتر ۽ اعليٰ آهي، تنهنڪري ان جو فرض آهي ته ايشيا ۽ آفريڪا جي انهن قومن، جن کي هو غير مهذب ۽ وحشي سمجهندا هئا، جي تربيت ڪري، کين مغربي تهذيب سان روشناس ڪرائي ۽ پراڻين روايتن مان ڪڍي جديديت ڏانهن وٺي وڃي. پر حقيقت ۾ يورپي سامراج پنهنجي ڪالونين ۾ سخت ظلم ڪيا. هندستان ۾ 1857ع جي آزاديءَ جي جنگ دوران برطانوي ايسٽ انڊيا ڪمپني ڪيترن ئي باغين کي توپن سان ٻڌي اڏائي ڇڏيو. ڪينيا ۾ مائو مائو تحريڪ جي ڪارڪنن کي بغاوت جي الزام هيٺ ڦاسيون ڏنيون ويون. ايتري تائين جو آئرلينڊ، جيڪو سفيد فامن جو ملڪ هو، راڻي الزبيٿ اول جي دور ۾ برطانيا جي ڪالوني بڻايو ويو. ان جون زرعي زمينون انگريز اميرن ۾ ورهايون ويون ۽ آئرش قومي ٻولي کي تعليمي نصاب مان خارج ڪيو ويو.

1845ع کان 1848ع تائين جڏهن آلوءَ جي فصل تباهه ٿي وئي ته برطانوي حڪومت آئرلينڊ جي ماڻهن جي ڪا مدد نه ڪئي، جنهن سبب هزارين ماڻهو بک ۽ ڏڪار سبب مري ويا، جڏهن ته ڪيترن ئي ماڻهن آمريڪا هجرت ڪئي، جتي کين نسل پرستي ۽ تعصب کي منهن ڏيڻو پيو.  1853ع کان 1856ع تائين روس ۽ عثماني سلطنت (ترڪي) وچ ۾ ڪريميا جي جنگ دوران يورپ جي سامراجي ملڪن روس جي حمايت ڪئي، ڇاڪاڻ ته سندن خيال ۾ روس غير مهذب ترڪن خلاف جنگ ڪري رهيو هو. روس تي اهو به زور وڌو ويو ته هو قسطنطنيه تي قبضو ڪري ان کي ٻيهر عيسائيت جو مرڪز بڻائي. يورپي سامراج پنهنجي ڪالونين ۾ جيڪو استحصال ۽ ظلم ڪيو، ان جا اثر ايترا گهرا هئا جو آزادي حاصل ڪرڻ کان پوءِ به اهي ملڪ گهڻي عرصي تائين ترقي نه ڪري سگهيا. ٻئي طرف، سامراج جي مخالف مفڪرن جو خيال هو ته يورپ کي ايشيا ۽ آفريڪا جي ملڪن جي معاملن ۾ مداخلت نه ڪرڻ گهرجي ۽ نه ئي پنهنجي تهذيب مٿن مڙهڻ گهرجي. هر قوم کي اهو حق حاصل آهي ته هو پنهنجي روايتن ۽ ثقافت مطابق زندگي گذاري. تنهنڪري يورپي ملڪن کي ٻين قومن تي غلبو قائم ڪرڻ بدران پنهنجي اندر تهذيبي ترقي تي ڌيان ڏيڻ گهرجي.

جرمن فلسفي ايمانوئل ڪانٽ سامراجي مداخلت جي مخالفت ڪئي، پر ساڳئي وقت هن اها راءِ به ڏني ته يورپي ملڪ گڏجي هڪ گڏيل ثقافت قائم ڪن، جيئن سندن پاڻ ۾ ٿيندڙ تڪرار ختم ٿي سگهن. ڪانٽ جي مخالفت ڪندي جرمن مفڪر هرڊر هڪ ئي ثقافت بدران گهڻين ثقافتن جي حمايت ڪئي. هن ان جي تشبيهه هڪ گلدستي سان ڏني، جنهن ۾ مختلف رنگن جا گل هوندا آهن ۽ هر گل پنهنجي رنگ ۽ خوبصورتي سبب الڳ سڃاڻپ رکندو آهي. سندس خيال ۾ قومن کي به پنهنجي الڳ سڃاڻپ ۽ ثقافت برقرار رکڻ جو حق حاصل آهي ۽ مٿن ڪا پرڏيهي ثقافت يا طاقت مڙهڻ نه گهرجي. يورپي سامراج بابت انهن ٻنهي نظرين کي سمجهڻ سان يورپي سياسي سوچ کي سمجهڻ ۾ آساني ٿئي ٿي. جڏهن ايشيا ۽ آفريڪا جون ڪالونيون آزاد ٿيون ته اتان جي دانشورن ۽ مفڪرن سامراج جي دور جو جائزو وٺندي لکيو ته ان دور ۾ سندن سماج ٽڪرن ۾ ورهائجي ويو ۽ کين پنهنجي ترقي لاءِ آزادانه سوچ ۽ نوان نظريا پيدا ڪرڻ جو موقعو نه مليو. انهن جي پسماندگيءَ جو سڀ کان وڏو سبب اهو هو ته يورپي سامراج سندن ترقي جا تقريباً سڀ رستا بند ڪري ڇڏيا هئا.

You might also like