تحريڪ انصاف جي باني عمران خان کي قيد ۾ ٽي سال مڪمل ٿي چڪا آهن. انهن مان گذريل اٺن مهينن دوران کين لڳ ڀڳ اڪيلائي واري قيد ۾ رکيو ويو آهي، ايتري قدر جو سندن وڪيلن کي به ساڻن ملاقات جي اجازت ناهي. تحريڪ انصاف اعلانن باوجود اڄ ملڪ ۾ ڪو به اثرائتو احتجاج منظم ڪرڻ ۾ ناڪام رهي آهي. رهيل ڪسر ملڪ ۾ خبرن جي ترسيل تي لاڳو سينسرشپ پوري ڪري ڇڏي آهي. ميڊيا کي ڪنهن به ناپسنديده خبر جي رپورٽنگ جي اجازت ناهي، ۽ جيڪو به ان اصول جي ڀڃڪڙي ڪري ٿو، خاص ڪري پرڏيهي ميڊيا، ان کي سخت سرڪاري روين کي منهن ڏيڻو پوي ٿو يا پاڪستان ۾ ان تي پابندي هڻي حساب برابر ڪيو وڃي ٿو.
هڪ مقبول ۽ قومي اڳواڻ سان ٿيندڙ هن سلوڪ مان چٽيءَ ريت چئي سگهجي ٿو ته پاڪستان ۾ هر جمهوري روايت کي ختم ڪرڻ ۽ سياسي ڪارڪنن تائين اهو پيغام پهچائڻ جي ڪوشش ٿي رهي آهي ته جمهوريت جي اها تشريح غلط آهي ته "عوام طاقت جو سرچشمو آهن.” حقيقت ۾ طاقت انهن عنصرن جي هٿن ۾ آهي، جيڪي اظهار جي آزادي کي پنهنجو سڀ کان وڏو دشمن سمجهن ٿا. ظاهري طور عمران خان ڪرپشن ۽ سرڪاري تحفا وڪڻڻ جي الزامن هيٺ عدالتن طرفان مليل سزائن سبب جيل ۾ آهن، پر اها حقيقت ڏينهن جي روشني وانگر واضح آهي ته هن قيد جا سبب سياسي آهن. جيتوڻيڪ هڪ سياسي اڳواڻ طور عمران خان طرفان سامهون آيل چئلينج به سندن گرفتاري ۽ ڊگهي حراست جو سبب بڻيو، پر سندن اصل "جرم” 9 مئي جو سانحو قرار ڏنو وڃي ٿو، ۽ ان بابت بعد ۾ غلطي تسليم ڪري معاملا درست ڪرڻ ۾ ناڪامي پڻ ان سان ڳنڍي وڃي ٿي.
هاڻي ته اها سرڪاري طور تسليم ٿيل حقيقت بڻجي چڪي آهي ته ملڪ جو نظام ناڪام ٿي چڪو آهي. (هي موقف ان ڪري سامهون آيو آهي، ڇاڪاڻ ته گهرو وزير نظام جي ناڪامي جو ذڪر ڪيو ۽ وزيراعظم سميت ڪنهن به سرڪاري عهديدار ان جي ترديد نه ڪئي، جنهن کي حڪومت جي اڻ سڌي تصديق سمجهي سگهجي ٿو.) تنهن ڪري ملڪ جو عدالتي نظام به انهيءَ ناڪام نظام جو حصو آهي. انهيءَ ڪري ساڍن ٽن سالن کان اڳ پيش آيل اهڙي سانحي جي مڪمل جاچ، حقيقتن کي سامهون آڻڻ ۽ ذميوارن کي سزا ڏيارڻ ۾ به اهو نظام ناڪام رهيو، جنهن سان ملڪ ۾ بغاوت جهڙي صورتحال پيدا ٿي ۽ فوج جي ڪجهه عنصرن هڪ مقبول اڳواڻ جي آڙ ۾ نظام کي يرغمال بڻائڻ جا خواب ڏٺا.
جيڪڏهن ڪجهه حلقن ۾ اهو تاثر موجود آهي ته عمران خان جيل مان آزاد ٿي ويا ته هو رياست خلاف ڪو وڏو بحران پيدا ڪري ڇڏيندا يا رياست جي وجود کي خطرو لاحق ٿي ويندو، ته اهو به ذهن ۾ رکڻ گهرجي ته جيڪڏهن جيل ۾ هڪ مظلوم جي حيثيت سان رهندي به عمران خان پنهنجي حامين کي ڪنهن انقلاب لاءِ تيار نه ڪري سگهيا، ته آزاديءَ کان پوءِ به هو ڪو اهڙو طوفان نه آڻي سگهندا. هاڻوڪي حڪومت جي چونڊ بابت ضرور سوال اٿاريا ويندا ۽ چيو ويندو ته 2024ع جون چونڊون ڌانڌلي واريون هيون، پر اهو اهڙو الزام ناهي جنهن سان موجوده حڪومت پاڻمرادو ختم ٿي وڃي. نه ئي اها اهڙي ڳالهه آهي جنهن تي وزيراعظم يا اقتدار ۾ ويٺل ماڻهو هاڻي ڪا شرمندگي محسوس ڪن. حڪومت جي ناڪامي لاءِ ته ڪابينا ۾ موجود محسن نقوي جهڙا وفادار ئي ڪافي آهن.
البته هڪ نام نهاد جمهوري نظام ۾ جيڪڏهن ڪنهن سياسي اڳواڻ کي غيرمعينه مدت تائين قيد ۾ رکيو وڃي ۽ انصاف جا سڀ جائز در بند ڪيا وڃن، ته ان سان قومي شعور ۾ خوف بدران ناراضگي، بغاوت، احتجاج ۽ بي وسي جا گڏيل جذبا وڌندا رهندا. ۽ ملڪ ۾ جنهن نظام جي سڌاري جون ڳالهيون ڪيون پيون وڃن، اهي عوامي احساس ئي ان سڌاري جي راهه ۾ سڀ کان وڏي رڪاوٽ بڻجندا.
جيڪڏهن اتفاق سان ڪو اهڙو سانحو پيش اچي، جنهن سان عوام کي پنهنجي ڪاوڙ ظاهر ڪرڻ جو موقعو ملي وڃي، ته اهي ئي جذبا اهڙي طوفان جو پيش خيمو بڻجي سگهن ٿا، جيڪو سڀ ڪجهه لوڏي ڇڏي. تازن سالن ۾ سري لنڪا ۽ بنگلاديش ۾ اهڙي صورتحال ڏٺي وئي آهي. اهڙا طوفان گهڻو ڪجهه تباهه ڪن ٿا، پر سڌارو نٿا آڻي سگهن. تنهن هوندي به، هڪ ڀيرو طوفان اٿي پوي ته ان کي روڪڻ ڏکيو ٿي پوي ٿو. تنهن ڪري دانائي ۽ قومي يڪجهتي جو تقاضو آهي ته وقت کان اڳ اهڙي مشڪل صورتحال کان بچڻ جا اپاءَ ورتا وڃن. عمران خان کي سياسي مظلوم بڻائي حڪومت يا رياست ڪو به مقصد حاصل نه ڪري سگهي آهي. هاڻي هن ناانصافي جو خاتمو ڪري پاڪستان کي هڪ معمولي ۽ قانون جي حڪمراني واري معاشري ڏانهن وٺي وڃڻ لاءِ پهريون اهم قدم ضرور کنيو وڃي.جيتوڻيڪ اهي چند لفظ انهن اوچين ڀتين پويان ٿيندڙ فيصلن تي اثرانداز ٿيڻ جي طاقت نٿا رکن، پر تاريخ ۾ ضرور درج ٿيندو ته جڏهن تباهيءَ جا آثار ظاهر ٿي رهيا هئا، تڏهن ڪنهن نه ڪنهن هنڌ کان ان بابت خبردار ضرور ڪيو ويو هو. ڪنهن به زنده قوم جا باشعور ماڻهو ناانصافيءَ جي نشاندهي ڪندي اهڙي مزاحمت جي تاريخ لکي سگهن ٿا، جيڪا ايندڙ نسلن لاءِ سبق ۽ قومي شعور جي علامت بڻجي سگهي.