اسٽوڪس جي کوٽ پوري ڪرڻ لاءِ انگلينڊ ڪُرن ڏانهن وجهائڻ لڳو، آل رائونڊر جا پاڪستان خلاف واپسي جا امڪان روشن

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) انگلش آل رائونڊر سام ڪُرن جي لڳ ڀڳ پنجن سالن کانپوءِ ٽيسٽ ڪرڪيٽ ۾ واپسي جا امڪان روشن ٿي ويا آهن.
انگلينڊ جي سليڪٽر مارڪس نارٿ چيو آهي ته سام ڪرن کي پاڪستان خلاف شروعاتي ٻن ٽيسٽن لاءِ رڳو سندس فٽنيس بابت خدشن سبب اسڪواڊ ۾ شامل نه ڪيو ويو، جڏهن ته هو ٽئين ٽيسٽ لاءِ مضبوط اميدوار آهي.
واضح رهي ته سام ڪرن آخري ڀيرو 2021ع ۾ ٽيسٽ ڪرڪيٽ کيڏي هئي.
ان کانپوءِ سندس ڌيان گهڻو ڪري وائيٽ بال ڪرڪيٽ تي رهيو، پر بين اسٽوڪس جي ٽيسٽ ڪرڪيٽ تان رٽائرمينٽ کانپوءِ انگلينڊ انتظاميا کيس ٻيهر آل رائونڊر طور اهم آپشن طور کيڏائڻ جو سانڀاهو ڪري ورتو آهي.
مارڪس نارٿ چيو ته سام ڪرن هن اونهاري ۾ تمام گهڻي ڪرڪيٽ کيڏي آهي ۽ ان دوران کيس ڪجهه معمولي انجرين جا مسئلا به رهيا.
سندس چوڻ هو ته موجوده حالتن ۾ کيس شروعاتي ٻن ٽيسٽن ۾ شامل ڪرڻ مناسب نه هو، پر ايندڙ هفتن دوران ميڊيڪل ۽ سپورٽ اسٽاف سندس فٽنيس تي ڪم ڪندو ته جيئن هو 9 سيپٽمبر کان شروع ٿيندڙ ٽئين ٽيسٽ لاءِ دستياب ٿي سگهي.
هن وڌيڪ چيو ته جيڪڏهن سام ڪرن مڪمل طور فٽ هجي ها ته هو اسڪواڊ ۾ ضرور شامل هجي ها، ڇهين يا ستين نمبر تي آل رائونڊر طور کيڏڻ جو مضبوط اميدوار هجي ها.
انگلينڊ پاڪستان خلاف ٽن ٽيسٽن جي سيريز جي پهرين ٻن ميچن لاءِ اسڪواڊ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي. جيڪب بيٿل جي زخمي ٿيڻ سبب جارڊن ڪاڪس ٽئين نمبر تي بيٽنگ ڪندو، جڏهن ته ڊين لارنس ڇهين نمبر تي کيڏندو.
مارڪس نارٿ اهو به واضح ڪيو ته پهرين ٻن ٽيسٽن ۾ چار فاسٽ بالر ميدان ۾ لاهڻ جو ارادو آهي، جڏهن ته اسپن جي ذميواري جوءِ روٽ ۽ ڊين لارنس نڀائي سگهن ٿا، جڏهن ته ضرورت پوڻ تي اسپنر شعيب بشير به کيڏائي سگهجي ٿو.

You might also like