لنڊن (ويب ڊيسڪ) پاڪستاني اسپنر نعمان علي انگلينڊ جي ڪائونٽي ڪلب لنڪاشائر سان ڇهن ميچن جو معاهدو ڪري ورتو آهي، هو ڪائونٽي چيمپئن شپ جي رهيل ميچن ۾ لنڪاشائر جي نمائندگي ڪندو، جڏهن ته پاڪستان کي انگلينڊ خلاف ٽيسٽ سيريز دوران اسپن بالنگ ۾ ضرورت پوڻ جي صورت ۾ به موجود هوندو.
ڪرڪ انفو جي رپورٽ موجب، 39 ورهين جي نعمان علي 2024ع ۾ انگلينڊ خلاف هوم ٽيسٽ سيريز دوران شاندار واپسي ڪئي هئي، جتي هن ٻن ٽيسٽن ۾ 20 وڪيٽون وٺي پاڪستان کي سيريز ۾ 2-1 تان ڪاميابي ڏيارڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو هو.پر هلندڙ سالبنگلاديش دوري دوران هو ٽيم مان ٻاهر ٿي ويو ۽ سندس جاءِ ليفٽ آرم اسپنر علي عثمان والاري هئي.
علي عثمان کي ويسٽ انڊيز دوري ۽ انگلينڊ خلاف ايندڙ ٽن ٽيسٽن جي سيريز لاءِ قومي اسڪواڊ ۾ شامل ڪيو ويو آهي، جڏهن ته نعمان علي انگلينڊ ۾ موجود هجڻ سبب ضرورت پوڻ تي پاڪستاني ٽيم لاءِ متبادل طور دستياب هوندو.
معاهدي کانپوءِ نعمان علي چيو ته هو پهريون ڀيرو انگلينڊ ۾ ڪائونٽي ڪرڪيٽ کيڏڻ لاءِ تمام گهڻو پرجوش آهي.
هن چيو ته ڪائونٽي چيمپئن شپ هڪ اعليٰ معيار جو مقابلو آهي ۽ لنڪاشائر جهڙي تاريخي ڪلب جي نمائندگي ڪرڻ سندس لاءِ اعزاز آهي.
نعمان علي چيو”مان پاڪستان جي عظيم ڪرڪيٽر وسيم اڪرم جي نقش قدم تي هلي رهيو آهيان، جيڪو ڪيئي ورهين تائين لنڪاشائر لاءِ کيڏيو، اميد اٿم ته پنهنجي نئين ٽيم لاءِ ميدان اندر ۽ ٻاهر بهترين ڪردار ادا ڪندس.“
لنڪاشائر جي ڪرڪيٽ ڊائريڪٽر مارڪ چلٽن چيو ته نعمان علي نهايت تجربيڪار ۽ باصلاحيت اسپنر آهي، جنهن جي شموليت سان ٽيم کي ڪائونٽي چيمپئن شپ جي آخري ڇهن ميچن ۾ وڏو فائدو ٿيندو.
You might also like