آمريڪا ايران جو تختو اونڌو ڪرڻ پئي چاهيو پر ناڪام رهيو: ايراني صدر

تهران(ويب ڊيسڪ)ايراني صدر مسعود پزشڪيان چيو آهي ته آمريڪا سمجهندو هو ته جنگ ۽ پابندين ذريعي شام وانگر ايران ۾ به حڪومت جو تختو اونڌو ڪري ڇڏيندو، پر اهو ناڪام رهيو.

سرڪاري ٽي وي تي هليل انٽرويو ۾ هن چيو ته نئين سپريم ليڊر ايران کي متحد ۽ مضبوط بڻائي ڇڏيو آهي، جڏهن ته ايراني عوام جي حوصلي ۽ عزم دشمن جا ارادا ناڪام بڻائي ڇڏيا آهن ۽ سمورين ڏکيائين باوجود ايران اڄ هڪ طاقتور ۽ باوقار ملڪ طور سڃاتو وڃي ٿو.

سندس چوڻ هو ته آخر آمريڪا ايراني يونيورسٽين ۽ تحقيقي ادارن کي ڇو نشانو بڻائي ٿو؟ آمريڪا هر ان علامت جي خلاف آهي جيڪا ايراني عوام کي آزاد ۽ تخليقي بڻائي ٿي ۽ اهو نٿو چاهي ته ڪو به قابل ماڻهو ايران ۾ قيادتي ڪردار ادا ڪري.

ايراني صدر وڌيڪ چيو ته ايران جي گهڻن شهيد ڪمانڊرن ۽ سائنسدانن جو پنهنجو ذاتي گهر به نه هو، جڏهن ته معاشي ۽ سلامتي وارن چئلينجن باوجود قومي اتحاد ايران کي ناقابل شڪست بڻائي ڇڏيو آهي.

You might also like