ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڀارتي آل رائونڊر هاردِڪ پانڊيا جي مستقبل بابت نيون خبرون سامهون اچي رهيون آهن.
پرڏيهي ميڊيا جي رپورٽن موجب، جيڪڏهن ممبئي انڊينز ۽ ڪولڪاتا نائيٽ رائيڊرز (ڪي ڪي آر) وچ ۾ رانديگرن جي مٽاسٽا(ٽريڊ) وارو معاهدو طئي ٿي ويو ته هاردڪ پانڊيا آءِ پي ايل 2027 ۾ ڪي ڪي آر جي قيادت ڪندو.
رپورٽن موجب، ان کان اڳ چنائي سپر ڪنگز به هاردڪ پانڊيا کي پنهنجي ٽيم ۾ شامل ڪرڻ لاءِ دلچسپي ظاهر ڪئي هئي، پر ممبئي انڊينز جي مطالبن سبب معاملو اڳتي نه وڌي سگهيو.
ڪي ڪي آر سان به ڳالهين دوران اهم رانديگرن جي مٽاسٽا تي اتفاق نه ٿيڻ سبب ڊيل رڪجي وئي هئي.
ميڊيا رپورٽن موجب، ”ريو اسپورٽس“ سان واڳيل صحافي روهت جگلان دعويٰ ڪئي آهي ته ڪي ڪي آر هاردڪ پانڊيا کي ايندڙ سيزن لاءِ ڪپتان طور چونڊي ورتو آهي، جڏهن ته فرنچائز طرفان اڃا تائين ان بابت ڪو باظابطا اعلان ناهي ڪيو ويو.
رپورٽن ۾ اهو به ڄاڻايو ويو آهي ممبئي انڊينز ڏانهن ڪئمرون گرين جي واپسي به ان امڪاني ڊيل جو حصو ٿي سگهي ٿي.
رپورٽ موجب، جيڪڏهن هاردِڪ پانڊيا ممبئي انڊينز ڇڏيندو ته ٽيم جي قيادت لاءِ سوريا ڪمار يادو مضبوط اميدوار هوندو، جڏهن ته روهت شرما ۽ جسپريت بُمرا جي نالن تي به غور ڪري سگهجي ٿو.
هوڏانهن لکنئو سپر جائنٽس به نئين ڪپتان جي ڳولا ۾ آهي.
رپورٽن موجب، رشڀ پنت جي ٽيم ڇڏڻ کانپوءِ ايڊن مارڪرم ۽ مچل مارش قيادت لاءِ اهم اميدوار آهن، جڏهن ته مارڪرم آءِ پي ايل ۾ ٽيم جي قيادت ۾ دلچسپي نه ٿو رکي .
You might also like