اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پاڪستان ۾ آمريڪي مشن خوشحالي کي هٿي وٺرائڻ جي مقصد تحت هڪ ويب نار ڪوٺائي وئي ، جنهن ۾ آمريڪي ڪاروباري ادارن، سيڙپڪارن، پاڪستاني سرڪاري عملدارن ۽ زرعي شعبي سان واڳيل نمائندن شرڪت ڪئي.
ويب نار کي خطاب ڪندي پاڪستان ۾ آمريڪي سفارتخاني جي ناظم الامور نيٽلي اي بيڪر پاڪستان جي زرعي ٽيڪنالاجي واري شعبي ۾ سيڙپڪاري ۽ گڏيل سهڪار جي وڌندڙ موقعن تي روشني وڌي.
هن چيو ته زراعت پاڪستاني معيشت جي ڪرنگهي جي هڏي آهي، جڏهن ته آمريڪي ٽيڪنالاجي ۽ مهارت لاءِ وڌندڙ موقعا نه رڳو آمريڪي ڪمپنين لاءِ لاڀائتا ثابت ٿيندا، پر پاڪستان لاءِ به نون مارڪيٽن جا در کولي سگهندا.
نيٽلي اي بيڪر جو چوڻ هو ته آمريڪي ڪمپنيون زرعي شعبي ۾ اثرائتو ڪردار ادا ڪرڻ جي مڪمل صلاحيت رکن ٿيون، جڏهن ته پاڪستان ۾ آمريڪي مشن ٻطرفي واپار کي وڌيڪ هٿي وٺرائڻ لاءِ پرعزم آهي.
ويب نار ۾ شرڪت ڪندڙ پاڪستاني نمائندن زرعي شعبي سان لاڳاپيل ريگيوليٽري ۽ پاليسي سڌارن بابت پڻ خيالن جو اظهار ڪيو، جڏهن ته شرڪت ڪندڙن پاڪستان لاءِ آمريڪي واپار واري کاتي جي سرٽيفائيڊ ايگريڪلچرل ٽيڪنالاجيز ٽريڊ مشن جي ايندڙ دوري جو به جائزو ورتو.
You might also like