عمان ڀرسان آبناءِ هرمز ۾ آئل ٽينڪر ۾ ڌماڪن جو اطلاع

برطانوي ميري ٽائيم ايجنسي چيو آهي ته عمان ڀرسان آبناءِ هرمز مان گذرندڙ هڪ آئل ٽينڪر ٻن ڌماڪن جي اطلاع ڏني آهي.

اداري موجب واقعو عمان جي ڪمزَر علائقي کان لڳ ڀڳ 9 ناٽيڪل ميل جي مفاصلي تي پيش آيو.

برطانوي ميري ٽائيم ايجنسي موجب ٽينڪر يا عملي کي ڪو به نقصان نه پهتو آهي ۽ نه ئي ماحولياتي نقصان جي ڪا اطلاع ملي آهي.

You might also like