صبر نه ٿيو ٿئي، عبدالله جي انگلينڊ ۾ بيٽنگ ڏسڻ لاءِ بيقرار آهيان: آئن بشپ

پورٽ آف اسپين (ويب ڊيسڪ) ويسٽ انڊيز جي اڳوڻي فاسٽ بالر ۽ ڪامينٽيٽر آئن بشپ چيو آهي ته پاڪستاني اوپنر عبدالله شفيق وٽ انگلينڊ جي ڏکين حالتن ۾ ڪامياب ٿيڻ لاءِ گهربل مزاج ۽ ٽيڪنڪ موجود آهي ۽ هو کيس ايندڙ ٽيسٽ سيريز ۾ انگلينڊ خلاف بيٽنگ ڪندي ڏسڻ لاءِ پرجوش آهي.
آئن بشپ چيو ته” عبدالله شفيق هڪ پرسڪون بيٽر آهي، جيڪو دٻاءُ واري حالتن ۾ به اننگز کي بهتر نموني ترتيب ڏئي سگهي ٿو.
سندس چوڻ هو ته انگلش ڪنديشن ۾، جتي سوئنگ ۽ منظم بالنگ بيٽرن لاءِ وڏو امتحان هوندي آهي، اهڙيون خوبيون ڪاميابي لاءِ انتهائي اهم آهن.
هن اهو به چيو ته انگلينڊ جون پچون هميشه چئلينجنگ هونديون آهن، پر عبدالله شفيق کي يارڪشائر لاءِ ڪائونٽي ڪرڪيٽ کيڏڻ جو تجربو آهي، جيڪو کيس ان ڪنڊيشن ۾ ايڊجسٽ ۾ ٿيڻ ۾ مدد ڏيندو.
واضح رهي ته عبدالله شفيق تازو ويسٽ انڊيز خلاف ٽيسٽ سيريز ۾ شاندار واپسي کانپوءِ پراعتماد نظر اچي رهيو آهي.
پهرين ميچ ۾ شان مسعود جي زخمي ٿيڻ کانپوءِ ٽيم ۾ شامل ڪيل عبدالله شفيق ٻي ٽيسٽ ناٽ آئوٽ 160 رنسون ٺاهي پنهنجي ڪيريئر جي بهترين اننگزن مان هڪ کيڏي، ۽ 49 سالن کانپوءِ ويسٽ انڊيز ۾ ٽيسٽ اننگز دوران 150 يا ان کان وڌيڪ رنسون ٺاهيندڙ پهريون پاڪستاني بيٽر بڻيو.

 

You might also like