لاهور (ويب ڊيسڪ) پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ (پي سي بي) ڊوميسٽڪ ڪرڪيٽر حمزا نذر کي ٻن سالن جي پابندي ۽ 10 لک رپيا ڏنڊ جي سزا ٻڌائي ڇڏي.
پي سي بي موجب، حمزا نذر تي هر طرزجي ڊوميسٽڪ ۽ عالمي ڪرڪيٽ سرگرمين ۾ حصو وٺڻ تي ٻن سالن لاءِ پابندي لاڳو ڪئي وئي آهي.
بورڊ جو چوڻ آهي ته حمزا نذر خلاف کاتي جي ڪارروائي انڪوائري ڪميٽي جي رپورٽ کانپوءِ ڪئي وئي، جڏهن ته جاچ ويزا درخواست دوران فراهم ڪيل ڄاڻ بابت ڪئي وئي هئي.
پي سي بي موجب، حمزا نذر مڪمل ۽ درست ڄاڻ فراهم نه ڪئي، ورغلائيندڙ تفصيل پيش ڪيا ۽ درخواست سان لاڳاپيل اهم حقيقتون لڪايون.
پي سي بي جو چوڻ آهي ته معاملي جي جاچ لاءِ ٽن رڪني ڪميٽي جوڙي وئي، جنهن حمزا نذر کي به پنهنجو موقف پيش ڪرڻ جو موقعو فراهم ڪيو.
پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ موجب، غلط بياني، حقيقتون لڪائڻ ۽ ورغلائيندڙ ڪندڙ ڄاڻ فراهم ڪرڻ کي انتهائي سنجيدگي سان ورتو ويندو، ڪنهن به فرد کي بورڊ، پاڪستان ڪرڪيٽ ۽ ڪرڪيٽ جي مداحن جي ساک کي ڇيهو رسائڻ اجازت نه ڏني ويندي.