راولپنڊي (ويب ڊيسڪ) سيڪيورٽي فورسز جي بلوچستان ۾ انٽيليجنس بيسڊ آپريشن دوران12 دهشتگرد مارجي ويا.
پاڪ فوج جي ترجمان اداري آءِ ايس پي آر طرفان جاري ڪيل بيان موجب، سيڪيورٽي فورسز واشڪ ۽ مستونگ ضلعن ۾ انٽيليجنس بنيادن تي ڪارروايون ڪيون، جن دوران 12 دهشتگرد مارجي ويا.
آءِ ايس پي آر موجب، 5 آگسٽ تي ضلعي واشڪ ۾ سيڪيورٽي فورسز 6 دهشتگردن جي چرپر جو پتو لڳايو، جنهن کانپوءِ وقتائتي ۽ اثرائتي ڪارروائي ڪندي کين جهنم ڀيڙو ڪيوويو.
بيان موجب، 6 آگسٽ تي مستونگ ۾ هڪ ٻي ڪارروائي دوران سيڪيورٽي فورسز ۽ دهشتگردن وچ ۾ سخت فائرنگ جي ڏي وٺ ٿي، جنهن جي نتيجي ۾ وڌيڪ 6 دهشتگرد مارجي ويا، جڏهن ته دهشتگردن جو هڪ ٺڪاڻو پڻ تباهه ڪيو ويو.
آءِ ايس پي آر جو چوڻ آهي ته 5 ۽ 6 آگسٽ تي ڪيل اهي ڪارروائيون ” رد الفتنه 3“ تحت جاري انٽيليجنس بنيادن تي آپريشنز جو حصو هيون.
بيان ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته” عزمِ استحڪام“مهم تحت سيڪيورٽي فورسز ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارا ملڪ مان دهشتگردي جي مڪمل خاتمي لاءِ پرعزم آهن، ملڪ اندر ٻاهرين سرپرستي ۾ ٿيندڙ دهشتگردي جي مڪمل خاتمي تائين ڪارروائيون جاري رهنديون.
You might also like