ڪراچي (ويب ڊيسڪ) آءِ جي سنڌ جاويد عالم اوڍو دعويٰ ڪئي آهي ته نوجوان واپاري مير رضا جو ڪيس پوليس ٽريس ڪري ورتو آهي.
ڪراچي ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي آءِ جي سنڌ چيو ته پوليس تمام جلد پريس ڪانفرنس ڪندي ۽ ڪيس بابت سموريون حقيقتون عوام آڏو پيش ڪندي.
هن چيو ته هڪ اڻ لاڳاپيل ميڊيڪو ليگل آفيسر ڪيس تي تبصرو ڪري رهيو آهي. جيڪڏهن ميڊيڪل بورڊ جوڙيو وڃي ته پوليس کي ان تي ڪو اعتراض نه هوندو، ميڊيڪل بورڊ جي رپورٽ موجب ئي پوليس پنهنجي جاچ اڳتي وڌائيندي.
ٻئي پاسي پوليس ذريعن موجب، لاش ملڻ واري هنڌ جي ويجهو گولي جو خول هٿ آيو آهي، جنهن جي فرانزڪ جاچ ڪرائي ويندي ته جيئن معلوم ٿي سگهي ته اهو ڪهڙي پسٽل مان فائر ٿيو هو.
ذريعن جو چوڻ آهي ته اڃا تائين پوليس کي واقعي ۾ استعمال ٿيل پسٽل هٿ نه اچي سگهي آهي، تنهن ڪري ان حوالي سان حتمي طور ڪجهه چوڻ وقت کان اڳ هوندو.
هوڏانهن پوليس سرجن ڊاڪٽر سميعه موجب، مير رضا جو پوسٽ مارٽم اڄ ڪيو ويندو، جنهن لاءِ ميڊيڪل ٽيم جوڙي وئي آهي.
ڊاڪٽر سميعه چيو ته پوسٽ مارٽم واري هنڌ کي سيل ڪرڻ جي هدايت پڻ پوليس کي ڏني وئي آهي، قبر ڪشائي کانپوءِ لاش مان مختلف نمونا (سيمپلز) ورتا ويندا، جنهن کانپوءِ ٻيهر تدفين ڪئي ويندي.