ڪراچي (ويب ڊيسڪ) انساني حقن بابت ڪم ڪندڙ تنظيم هيومن رائٽس ڪميشن آف پاڪستان (ايڇ آر سي پي) حڪومت جي نئين فارين ميڊيا فيسليٽيشن گائيڊ لائينز 2026 تي سخت ڳڻتي جو اظهار ڪندي چيو آهي ته اهي هدايتون صحافت کي سهولت فراهم ڪرڻ بدران خبرون گڏ ڪرڻ جي عمل تي سرڪاري ۽ بيوروڪريٽڪ ڪنٽرول کي ادارتي شڪل ڏينديون ۽ عوامي مفاد وارن معاملن تي آزاد صحافت جي رستي ۾ رنڊڪ بڻجنديون.
ايڇ آر سي پي پنهنجي بيان ۾ چيو آهي ته پاڪستان ۾ ميڊيا جي اظهار جي آزادي تي بندش جو سلسلو مسلسل وڌي رهيو آهي، رپورٽنگ تي پابنديون، وڌندڙ سينسرشپ ۽ قانوني توڙي انتظامي رنڊڪن سبب آزاد صحافت لاءِ موجود گنجائش ڏينهون ڏينهن محدود ٿيندي پئي وڃي.
بيان موجب، صحافين لاءِ ملڪ جي ڪيترن ئي علائقن مان رپورٽنگ ڪرڻ کان اڳ سرڪاري منظوري( اين او سي) حاصل ڪرڻ جي شرط انتهائي ڳڻتي جوڳي آهي، جيڪا اهو تاثر ڏئي ٿي ته تنقيدي ۽ آزاد رپورٽنگ جي آجيان نه پئي ڪئي وڃي.
ايڇ آر سي پي حڪومت تي زور ڀريو آهي ته هو پابندين وارو حڪم واپس وٺي ۽ اظهار جي آزادي جي تحفظ بابت پنهنجي آئيني ۽ بين الاقوامي ذميوارين کي پورو ڪري.
پاڪستاني حڪومت عالمي ميڊيا تي مڙهيل پابنديون هٽائي، بين الاقوامي ذميواريون نڀائي: ايڇ آر سي پي جو مطالبو
You might also like