ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سينيئر اداڪار قيصر نظاماڻي سنڌ حڪومت جي سڌ سماءُ واري کاتي طرفان فلمي منصوبن تي ڪيل خرچن تي سوال اٿاري ڇڏيا.
فيس بُڪ تي جاري ڪيل بيان ۾ قيصر نظاماڻي لکيو ته” سنڌ حڪومت ٽيڪس ڏيندڙن جا اربين رُپيا اهڙن من پسند ماڻهن تي خرچ ڪري رهي آهي، جيڪي فلم ساز ئي ناهن، نيٺ اهي فلمون ڪٿي نمائش لاءِ پيش ڪيون وينديون؟ “
هن سنڌ حڪومت جي سڌ سماءُ واري کاتي کان مطالبو ڪيو ته ان حوالي سان منطقي جواب ڏنو وڃي، جڏهن ته عوام کي به اپيل ڪئي ته هو ان معاملي تي مهذب انداز ۾ بحث ڪن.
سنڌ حڪومت جن من پسند فلمسازن کي اربين رپيا ڏئي رهي آهي، اهي فلمون آخر ڪٿي ڏيکاريون وينديون؟ قيصر نظاماڻي
You might also like