ڪراچي: اسٽوڊيو سرائي ۾ ”اين اوڊ ٽو دي ماسٽرز“ آرٽ جي نمائش، ملڪ ناميارن مصورن کي ڀيٽا

ڪراچي(ويب ڊيسڪ)اسٽوڊيو سرائي ۾ پاڪستان جي ناميارن مصورن کي ڀيٽا پيش ڪرڻ لاءِ An Ode to the Masters جي عنوان سان هڪ شاندار گروپ آرٽ نمائش ٿي گذري، جنهن ۾ ملڪ جي مشهور مصورن جا شاهڪار نمائش لاءِ پيش ڪيا ويا.


تقريب ۾ ڪمشنر انلينڊ ريوينيو ناصر جنجوعه خاص مهمان طور شرڪت ڪئي.
ناصر جنجوعه پنهنجي خطاب ۾ چيو ته هن نمائش جو بنيادي مقصد پاڪستان جي مصوريءَ جي فن جي وڏن نالن کي يادگار انداز ۾ ڀيٽا پيش ڪرڻ ۽ سندن فني ورثي کي اجاگر ڪرڻ آهي.


نمائش ۾ مشڪور رضا، اقبال حسين، وهاب جعفر، احمد خان، تصدق سهيل ۽ ذوالفقار علي ذلفي سميت ناميارن مصورن جا فنپارا رکيا ويا، جن کي آرٽ جي شوقينن طرفان ڀرپور موٽ ملي.


انجنيئر جمي فالي جي اهتمام هيٺ ڪوٺايل نمائش ۾ شرڪت ڪندڙن ان کي پاڪستان جي مصوريءَ جي شاهوڪار ورثي کي نئين نسل تائين منتقل ڪرڻ جي هڪ اهم ڪوشش قرار ڏيندي چيو ته اهڙيون تقريبون نه رڳو فنڪارن جي تخليقن کي زندهه رکن ٿيون، پر نوجوانن کي پنهنجي ثقافتي ۽ فني ورثي جي ويجهو آڻڻ ۾ به اهم ڪردار ادا ڪن ٿيون.

 

You might also like