”گهر ننڍو ٿي پوي ته نئون گهر ٺاهيو ويندو آهي، پراڻو ناهي ڊاهيو ويندو“ غني امان جو مصطفيٰ ڪمال کي جواب

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) شاگرد اڳواڻ غني امان چانڊيو وفاقي وزير مصطفيٰ ڪمال جي نون صوبن بابت بيان تي ردعمل ڏيندي چيو آهي ته جڏهن خاندان وڏو ٿي ويندو آهي ته ماڻهو نئين زمين يا پلاٽ خريد ڪري نوان ڪمرا يا نئون گهر ٺاهيندا آهن، نه ڪي پراڻو گهر ڊاهي ان کي وڏو بڻائيندا آهن.
سوشل ميڊيا تي جاري ڪيل بيان ۾ هن چيو ته موجوده انتظامي ڍانچي کي ٽوڙڻ جون تجويزون مڪمل طور غير منطقي آهن.
هن وفاقي وزير مصطفيٰ ڪمال کي مخاطب ڪندي چيو ته”اچو ته دليلن سان ڳالهه ڪريون، بحث حقيقتن جي بنياد تي ٿيڻ گهرجي، رڳو بيان بازي يا هوائن ۾ تير اڇلائڻ سان مسئلا حل نٿا ٿين.“
غني امان چانڊيو چيو ته سياسي اڳواڻن کي پنهنجو واضح ايجنڊا عوام آڏو رکڻ گهرجي، ڇو ته ڪنهن ٻئي جي ايجنڊا تي سياست ڪرڻ پنهنجي سياسي سڃاڻپ ۽ وجود جي ضمانت کي رد ڪرڻ جي برابر آهي.
هن وڌيڪ چيو ته جيڪڏهن توهان کي انتظامي يا رهائشي تنگي جو مسئلو آهي ته سنڌ کي ورهائڻ بدران دبئي جي پام جميرا جهڙين سامونڊي ترقياتي رٿائن تي غور ڪيو، اسان توهان کي سمنڊ تائين پهچائڻ جو ذمو پنهنجي سر تي کڻون ٿا.

You might also like