ڪراچي (ويب ڊيسڪ) صوبائي گهرو ۽ قانون واري وزير ضياءُ الحسن لنجار مفتاح اسماعيل پاران صدر آصف علي زرداري تي سنڌ پوليس جي ڀرتين بابت لڳايل الزامن کي سختي سان رد ڪندي چيو آهي ته سنڌ ۽ خاص طور ڪراچي ۾ سموريون سرڪاري ڀرتيون مقرر ڪيل قانون، ڪوٽا پاليسي ۽ ميرٽ موجب ڪيون وڃن ٿيون.
مفتاح اسماعيل جي بيان تي ردعمل ڏيندي ضياءُ لنجار چيو ته سنڌ پوليس هڪ پروفيشنل، اڻ ڌريو ۽ ميرٽ تي قائم ادارو آهي، سنڌ حڪومت شهرين وچ ۾ ٻولي، نسل، علائقي يا برادري جي بنياد تي ڪنهن به قسم جي امتياز تي يقين نٿي رکي.
هن چيو ته صدر آصف علي زرداري کي ڪنهن هڪ صوبي، ٻولي يا قوميت تائين محدود ڪرڻ حقيقتن جي ابتڙ ۽ قومي ايڪي جي خلاف آهي.
سندس چوڻ هو ته صدر آصف علي زرداري سمورن وفاقي يونٽن جي نمائنده شخصيت آهن، جڏهن ته پاڪستان پيپلز پارٽي ملڪ جي حقيقي وفاقي جماعت آهي.
گهرو وزير وڌيڪ چيو ته مفتاح اسماعيل هڪ ذميوار سياسي اڳواڻ آهي انڪري بي بنياد الزامن ۽ لسانيت کي هوا ڏيندڙ بيانن کان پاسو ڪري.
هن چيو ته جيڪڏهن وٽس ڪنهن مخصوص ڀرتي بابت ثبوت موجود آهن ته اهي لاڳاپيل قانوني ۽ انتظامي فورم تي پيش ڪري، ڇو ته عام الزام بازي سياسي ذميواري جي ابتڙ آهي.
هن مطالبو ڪيو ته مفتاح اسماعيل حقيقتن جي ابتڙ ۽ غيرذميواراڻو بيان واپس وٺي ۽ ان بابت وضاحت پيش ڪري.
مفتاح اسماعيل جا الزام بي بنياد آهن، صدر زرداري خلاف بيان واپس وٺي: ضياءُ الحسن لنجار
You might also like