آصف زرداري رڳو سنڌين کي نوڪريون ڏئي ٿو، پ پ نون صوبن تي راضي نه ٿي ته ڪراچي وفاق حوالي ٿي سگهي ٿو: مفتاح اسماعيل

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) اڳوڻي وفاقي وزير ۽ عوام پاڪستان پارٽي جي اڳواڻ مفتاح اسماعيل دعويٰ ڪئي آهي ته آصف علي زرداري رڳو سنڌين کي نوڪريون ڏئي ٿو ۽ ڪراچي ۾ سڀ پوليس آفيسر سنڌي آهن، جڏهن ته جيڪڏهن پيپلز پارٽي نوان صوبا ٺاهڻ واري تجويز نه مڃي ته ڪراچي کي وفاق جي ماتحت آڻڻ جو فيصلو ٿي سگهي ٿو.
خانگي ٽي وي سان ڳالهائيندي مفتاح اسماعيل چيو ته وفاقي گهرو وزير محسن نقوي نظام جي ناڪامي بابت جيڪا ڳالهه ڪئي، اها درست آهي.
سندس چوڻ هو ته نظام جي ناڪامي ۽ نون صوبن جي ضرورت سياسي جماعتن جي نااهلي ۽ ڪرپشن جو نتيجو آهي.
هن چيو ته نوان صوبا قائم ڪرڻ لاءِ آئين ۾ ترميم ڪئي وڃي، جيئن 26هين ۽ 27هين آئيني ترميمون ڪيون ويون، ان کانپوءِ ضرورت موجب نوان صوبا ٺاهي سگهجن ٿا.
مفتاح اسماعيل جو چوڻ هو ته پيپلز پارٽي نون صوبن جي مخالفت رڳو پنهنجي حڪومت ۽ سياسي مفادن جي بچاءَ لاءِ ڪري رهي آهي. جيڪڏهن پيپلز پارٽي ان تي راضي نه ٿي ته پوءِ ڪراچي کي وفاق جي انتظام هيٺ آڻڻ جو فيصلو به ٿي سگهي ٿو.
هن وڌيڪ چيو ته جيڪڏهن پيپلز پارٽي وچٿرو رستو اختيار ڪري ته ڪراچي کي بااختيار وفاقي فنڊز ڊويزن بڻائي سگهجي ٿو.
سندس تجويز هئي ته رڳو ڪراچي نه، پر حيدرآباد، لاڙڪاڻو، ميرپورخاص ۽ نوابشاهه جي ڊويزنن کي به وڌيڪ اختيار ڏنا وڃن، جيئن هر علائقي جا شهري پنهنجي مقامي حڪومت پاڻ هلائي سگهن.
اڳوڻي وفاقي وزير چيو ته ڪراچي جي حالت خراب آهي ۽ ان جو نظام بهتر بڻائڻ جي ضرورت آهي، جڏهن ته سنڌ جا ماڻهو به نظام ۾ تبديلي چاهين ٿا.
هن چيو ته سنڌ حڪومت وٽ ڪنهن چونڊيل ميئر کي هٽائي ڪمشنر يا ايڊمنسٽريٽر مقرر ڪرڻ جو اختيار نه هجڻ گهرجي.
سندس چوڻ هو ته مسلم ليگ (ن)، پيپلز پارٽي ۽ تحريڪ انصاف ٽنهي پنهنجي پنهنجي دور ۾ مقامي حڪومتن جي نظام کي هيڻو ڪيو، تنهنڪري عوام کي انهن پارٽين کان گهڻي اميد نه رکڻ گهرجي.
مفتاح اسماعيل الزام لڳائيندي چيو ته آصف علي زرداري رڳو سنڌين کي نوڪريون ڏئي ٿو ۽ ڪراچي ۾ سڀ پوليس آفيسر سنڌي آهن، جڏهن ته هڪ به اردو ڳالهائيندڙ يا پشتون آفيسر موجود ناهي.

You might also like