ڪراچي (ويب ڊيسڪ ) سينيئر صحافي ۽ تجزيي نگار اشفاق آذر چيو آهي ته تازو خيرپور مان اعليٰ معيار جي ليٿيم جا ذخيرا دريافت ٿيڻ جون خبرون سامهون آيون آهن، جنهن کانپوءِ هڪ ڀيرو ٻيهر اهو سوال اڀري ٿو ته سنڌ مان نڪرندڙ قدرتي وسيلن مان صوبي کي ڪيترو فائدو ملي رهيو آهي؟ عام تاثر اهو آهي ته تيل، گيس ۽ ٿر جي ڪوئلي وانگر ليٿيم جا ذخيرا به وفاقي ڪنٽرول هيٺ هليا ويندا.
ليٿيم، جنهن کي ”اڇو سون“ پڻ چيو ويندو آهي، دنيا جي انتهائي قيمتي معدني وسيلن مان هڪ آهي، جيڪو بيٽرين، اليڪٽرڪ گاڏين، سمارٽ فونن، ليپ ٽاپ ۽ دوائن جي صنعت سميت ڪيترن ئي اهم شعبن ۾ استعمال ٿيندو آهي.
اشفاق آذر چيو ته سوال اهو پڻ آهي ته سنڌ مان نڪرندڙ معدنيات جي رائلٽي جو حساب ڪٿي آهي؟ ٿر مان لڳ ڀڳ 2600 ميگاواٽ بجلي قومي گرڊ ۾ شامل ٿي رهي آهي، پر ٿر جا ڪيترائي ڳوٺ اڄ به بنيادي سهولتن ۽ بجلي کان محروم آهن.
هن چيو ته ٿرڪول بلاڪ-2 ۾ ڪارپوريٽ سوشل ريسپانسبلٽي تحت اسڪول، روڊ، آر او پلانٽ، وڻڪاري ۽ مقامي ماڻهن کي روزگار جهڙا قدم کنيا ويا آهن، پر بلاڪ-1 بابت اهو تاثر موجود آهي ته اتي ڪم ڪندڙ ڪمپنين جي ڪارڪردگي ۽ سماجي ذميوارين بابت اثرائتي نگراني يا جوابدهي نظر نٿي اچي، اهڙي ريت سنڌ مان تيل ۽ گيس ڪڍندڙ ڪيترين ڪمپنين بابت به سوال اُٿندا رهيا آهن ته مقامي آبادي کي انهن وسيلن مان مناسب لاڀ ڇو نٿو ملي؟
سندس چوڻ هو ته ٻئي پاسي پنجاب ۾ به ڪوئلي، ٽامي، سون ۽ لوهه سميت اهم معدني ذخيرا موجود هجڻ جون رپورٽون آهن.
هن چيو ته ”سرگوڌا ۽ چنيوٽ جي علائقن ۾ معدني وسيلن جي موجودگي باوجود انهن جي وڏي پيماني تي کوٽائي نه ٿيڻ بابت به سوال اٿاريا ويندا رهيا آهن.“
هن اِهو به چيو ته چنيوٽ ۾ سوين ملين ٽن لوهه جا ذخيرا موجود هئڻ باوجود انهن جي واپاري سطح تي کوٽائي شروع نه ٿي سگهي آهي.
اشفاق آذر وڌيڪ چيو ته سنڌ جي وسيلن بابت جاري بحث ۾ بنيادي سوال اهو آهي ته قدرتي وسيلن مان حاصل ٿيندڙ آمدني، رائلٽي ۽ ترقياتي فائدن جي ورڇ ڪهڙي طريقي سان ٿي رهي آهي ۽ مقامي آبادي کي ان مان ڪيترو حصو ملي رهيو آهي.
پنجاب وٽ به سون، ٽامي ۽ ڪوئلي جا ذخيرا آهن، وفاق جون رڳو سنڌ جي وسيلن ۾ اکيون ڇو آهن ؟ اشفاق آذر
You might also like