واشنگٽن (ويب ڊيسڪ) آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ چيو آهي ته آمريڪا وٽ گولا بارود جو تمام وڏو ذخيرو موجود آهي، جڏهن ته ان جي ابتڙ خبرون پکيڙيندڙن خلاف سخت قانوني ڪارروائي ڪئي ويندي ۽ کين ڊگهي قيد کي منهن ڏيڻو پئجي سگهي ٿو.
پنهنجي سوشل ميڊيا پليٽ فارم ٽروٿ سوشل تي جاري ڪيل بيان ۾ ٽرمپ آمريڪي هٿيارن جي ذخيرن ۾ کوٽ بابت ميڊيا رپورٽن کي سخت تنقيد جو نشانو بڻائيندي چيو ته آمريڪا وٽ، خاص طور تي ڪجهه اهم قسمن جي گولا بارود جا وڏا ذخيرا موجود آهن، جڏهن ته وڏي مقدار ۾ نوان هٿيار پڻ تيار ڪيا پيا وڃن.
هن دعويٰ ڪئي ته آمريڪي دفاعي صنعت هن وقت ملڪ جي تاريخ جي تيز ترين توسيع واري مرحلي مان گذري رهي آهي ۽ ڪيترائي نوان ڪارخانا ۽ پيداواري مرڪز قائم ڪيا پيا وڃن.
واضح رهي ته ان کان اڳ واشنگٽن پوسٽ دعويٰ ڪئي هئي ته گذريل جمعي ڪئمپ ڊيوڊ ۾ ٿيل ڪابينا اجلاس دوران صدر ٽرمپ، بچاءَ واري وزير پيٽ هيگسيٿ کان گولا بارود جي امڪاني کوٽ بابت وضاحت طلب ڪئي هئي.
ٽرمپ انهن رپورٽن تي سخت ردعمل ڏيندي چيو ته حساس ڄاڻ ليڪ ڪندڙن جي سڃاڻپ ٿي وئي آهي ۽ سندن خلاف قانوني ڪارروائي ڪئي ويندي.
سندس چوڻ هو ته اهڙن ماڻهن مٿان ڪيس هلائي کين ڊگهي قيد جون سزائون ڏنيون وينديون.
ٻئي پاسي سي اين اين پنهنجي رپورٽ ۾ دعويٰ ڪئي آهي ته ڊگهي فاصلي تائين مار ڪندڙ گائيڊڊ ميزائلن ۽ ائير ڊفينس سسٽم جي انٽرسيپٽرن جي کوٽ ايران بابت ٽرمپ انتظاميا جي پاليسي تي اثر وڌو آهي.
رپورٽ موجب، آمريڪي فوج پنهنجي ٿاڊ ميزائل دفاعي نظام جا لڳ ڀڳ 80 سيڪڙو ذخيرا استعمال ڪري چڪي آهي.
ساڳئي حوالي سان واشنگٽن پوسٽ اهو به دعويٰ ڪيو ته گولا بارود ۽ دفاعي هٿيارن جي محدود دستيابي سبب صدر ٽرمپ کي ايران خلاف ڪجهه تجويز ڪيل فوجي ڪارروائيون ملتوي ڪرڻيون پيون.
هواڏنهن وائيٽ هائوس ۽ پينٽاگون انهن سڀني رپورٽن کي رد ڪري ڇڏيو آهي.
وائيٽ هائوس جي ترجمان ڪيرولين ليواٽ چيو ته ڪئمپ ڊيوڊ ۾ صدر ٽرمپ ۽ بچاءَ واري وزير وچ ۾ اهڙي ڪاڳالهه ٻولهه ناهي ٿي.
پينٽاگون جي چيف ترجمان شان پارنيل به گولا بارود جي کوٽ ۽ ٻنهي اڳواڻن وچ ۾ اختلافن بابت خبرن کيمڪمل طور جڙتو قرار ڏئي رد ڪري ڇڏيو آهي.
بارود ۽ هٿيارن جي وڏي کيپ موجود آهي، ڪوڙيون خبرون پکيڙيندڙن کي نه ڇڏيندس: ٽرمپ
You might also like