ايران ۾ موساد سان لاڳاپن جي الزام هيٺ 30 ڄڻا سوگها

تهران (ويب ڊيسڪ) ايراني سڌ سماءُ واري وزارت موساد سان لاڳاپن ۽ هٿياربند گروهن سان رابطن جي الزام هيٺ 30 ڄڻن کي گرفتار ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي.
ايراني ميڊيا موجب، ڪرمان صوبي جي سڌ سماءُ واري کاتي 21 ڄڻن کي اسرائيلي ڳجهي اداري موساد سان لاڳاپن، 4 ڄڻن کي هٿياربند گروهن سان رابطن ۽ 5 ڄڻن کي جنوري 2026ع وارن احتجاجي مظاهرن ۾ ملوث هجڻ جي الزام ۾ گرفتار ڪيو ويو آهي.
ٻئي پاسي گڏيل قومن جي انساني حقن بابت هاءِ ڪمشنر وولڪر ترڪ چيو آهي ته 18 مارچ کان هينئر تائين ايران ۾ قومي سلامتي سان لاڳاپيل الزامن هيٺ گهٽ ۾ گهٽ 56 ماڻهن کي ڦاهي ڏني وئي آهي.
وولڪر ترڪ موجب، ايراني اختيارين جي سرڪاري بيانن موجب، ڦاهي ڏنل 27 ڄڻن جا ڪيس جنوري 2026ع جي احتجاجي مظاهرن سان لاڳاپيل هئا.
گڏيل قومن جي انساني حقن واري اداري پنهنجي بيان ۾ چيو آهي ته جنگ شروع ٿيڻ کانپوءِ ايران ۾ سزائن، خاص طور تي موت جي سزائن، ۾ نمايان واڌ ڏسڻ ۾ آئي آهي.

You might also like