دادو (عوامي آواز نيوز) دادو جي ڪچي واري علائقي ۾ شاهاڻي برادري جي ٻن ڌرين ۾ جهيڙو، ٻن ڀائرن سوڌو 3 ڄڻا قتل ٿي ويا، ان سلسلي ۾ ٻڌايو ويو ته موندر ٿاڻي جي حد ۾ شاهاڻي برادري جي ٻن ڌرين ۾ پراڻي تڪرار تان هٿياربندن جي فائرنگ ۾ ٻن ڀائرن سوڌو 3 ڄڻا قتل ٿي ويا، فائرنگ نتيجي ۾ 3 ڄڻا خادم شاهاڻي، ربنواز ۽ مظفر شاهاڻي قتل ٿي ويا، ٽنهي مقتولن جا لاش ڊي ايڇ ڪيو اسپتال آندا ويا، واقعي کان پوءِ علائقي ۾ خوف واري صورتحال پيدا ٿي وئي، ٻئي ڌريون مورچا بند ٿي ويون، ذريعن موجب ذريعن موجب گذريل سال مظھر شاھاڻي کي قتل ڪيو ويو ھو جنھن جي پلاند ۾ ٽي ڄڻا قتل ٿيا آھن، مقتولن جي وارثن پاران قاتلن جي گرفتاري جو مطالبو ڪيو ويو.