لاهور(عوامي آواز نيوز)پي ٽي آءِ سينيٽر بئريسٽر علي ظفر چيو آهي ته نظام ۽ گورننس ٻه الڳ شيون آهن،پر جيڪڏهن توهان جو نظام ٺيڪ نه هوندو ته گورننس نٿي اچي سگهي،گورننس جو جمهوريت سان سڌو تعلق ناهي،لاهور يونيورسٽي پاران ڪوٺايل مذاڪري کي خطاب ڪندي هن چيو ته گورننس جو سڌو تعلق آئين سان آهي،جيڪڏهن توهان جو آئين مضبوط آهي ته سسٽم قائم ٿي سگهي ٿو،سسٽم جيڪڏهن قائم ٿي ويو ته گڊ گورننس به اچي ويندي،هن چيو ته جيڪڏهن توهان تاريخ پڙهو ته اسان دنيا ۾ سڀ کان وڌيڪ نظامن جا تجربا ڪري ڏٺا آهن،اسان هر سسٽم جو تجربو ڪرڻ باوجود اڄ تائين ناهي سکيو،پاڪستان ٺهڻ کان ٻه ڏينهن اڳ قائداعظم محمد علي جناح سياستدانن کي چيو هو ته ڪو به ملڪ آئين کان بغير نٿو هلي سگهي،اهڙو آئين ٺاهيو جنهن ۾ هڪ مسلمان پنهنجي مسجد،هڪ عيسائي پنهنجي چرچ ۽ هڪ هندو پنهنجي مندر وڃي سگهي،هتي اظهار جي مڪمل آزادي هئڻ گهرجي،پر 10 سالن تائين سياستدان پاڻ ۾ وڙهندا رهيا،اسان کي پنهنجي تاريخ جي ڄاڻ هئڻ گهرجي،هن چيو ته اسان سياستدانن 10 سالن تائين پهريون آئين ٺهڻ نه ڏنو،خالي ڪيل اسپيس ۾ ڪاموراشاهي اچي وئي،ڪاموراشاهي سان گڏ فوج اچي وئي،انهن هڪ نئين اسٽيبلشمينٽ بڻائي ڇڏي،هن چيو ته پوءِ اسان اهو ڪم ڪيو جيڪو هو چوندا رهيا،هيٺيان کان جج کڻي مٿي ڪيا ويا،پوءِ اهي جج به اسٽيبلشمينٽ سان گڏجي ويا،هن چيو ته 56ع ۾ پهريون آئين ڪاموراشاهي ۽ فوج آندو هو،اهو آئين توهان جو ۽ اسان جو نه هو،انهن جو جهيڙو اوڀر پاڪستان سان هو،ان ساڙ ۾ سموري پاڪستان کي ون يونٽ بڻايو ويو،62ع ۾ جيڪو آئين آيو اهو به هڪ فوجي ڊڪٽيٽر آندو هو،تڏهن جنرل ايوب خان چيو هو ته مغربي جمهوريت پاڪستان ۾ نٿي هلي سگهي،ڪجهه سالن لاءِ ڀٽو آيو وري مارشل لا لڳو،پوءِ بينظير ۽ نوازشريف جون حڪومتون آيون،اها جمهوريت به هلڻ نه ڏني وئي،هن چيو ته مشرف کانپوءِ عدليه جي حڪمراني جو دور آيو،ان وقت نظام آيو ته پارليامينٽ ڪمزور عدليه طاقتور،ان ۾ به گورننس وڌيڪ خراب ٿي وئي،اڄ نئون هائبرڊ سسٽم هلندڙ آهي،پويان ڪنٽرول ڪو ٻيو ڪري رهيو آهي،سامهون آندل ماڻهن وٽ ڪو مينڊيٽ ناهي،گذريل هفتو سچ جو هفتو هو،هڪ ته بلاول ڀٽو اچي اعتراف ڪيو ته اسان ته فارم 47 جي حڪومت آهيون،ٻيو سچ محسن نقوي ڳالهايو ته هي حڪومت نااهل آهي،ان جو مطلب ته هي هائبرڊ نظام وارو تجربو به ناڪام ويو،هن چيو ته حڪومت کان معيشت نه پئي سنڀالجي،بلوچستان ۾ مسئلا آهن،ڪي پي ۾ دهشتگردي آهي،غربت ايتري آهي جو دشمن ملڪ اسان جي ماڻهن کي استعمال ڪري رهيا آهن،آزاد ڪشمير رهيل هو اتي به اسان پاڻ کي بدنام ڪري رهيا آهيون،هن چيو ته آئين بحال ڪريو،قانون جي بالادستي آڻيو،عدليه کي آزاد ڪريو،چوٿون ميرٽ بحال ڪريو،اليڪشن جي عزت ڪريو،احتساب ڪريو،