شاهنواز ڏاهاڻي: لاڙڪاڻي کان لنڪا پريميئر ليگ تائين

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جو نوجوان فاسٽ بالر شاهنواز ڏاهاڻي اڄ پنهنجي 28هين سالگرهه ملهائي رهيو آهي.
لاڙڪاڻي جي ڳوٺ کهاوڙ خان ڏاهاڻي ۾ 5 آگسٽ 1998ع تي جنم وٺندڙ شاهنواز ڏاهاڻي پنهنجي تيز رفتار، جارحاڻي بالنگ، ڀرپور توانائي ۽ وڪيٽ وٺڻ کانپوءِ جشن ملهائڻ جي انوکي انداز سبب ڪرڪيٽ جي مداحن ۾ وڏي مقبوليت ماڻي آهي.
شاهنواز ڏاهاڻي شروعاتي تعليم کان وٺي گريجوئيشن تائين تعليم لاڙڪاڻي مان حاصل ڪئي، جڏهن ته وٽس بي ڪام جي ڊگري پڻ آهي.
سندس خاندان جو واسطو زراعت سان رهيو آهي، محدود وسيلن واري ماحول ۾ پرورش ماڻيندڙ شاهنواز کي ننڍپڻ کان ئي ڪرڪيٽ سان گهرو لڳاءُ هو.
هن شروعاتي طور ٽيپ بال ڪرڪيٽ ذريعي پنهنجي صلاحيتن کي نکاريو ۽ مقامي ميدانن ۾ تيز بالنگ وسيلي ماڻهن جو ڌيان پاڻ ڏانهن ڇڪايو.
ان کانپوءِ هو لاڙڪاڻي جي الشهباز ڪرڪيٽ ڪلب ۾ شامل ٿيو، جتان هن انٽر ڊسٽرڪٽ ۽ انڊر-19 مقابلن ۾ حصو ورتو. مقامي ۽ ضلعي سطح تي شاندار ڪارڪردگي کيس پاڪستان جي ڊوميسٽڪ ڪرڪيٽ تائين پهچايو.
شاهنواز ڏاهاڻيءَ کي 2021ع ۾ پاڪستان سپر ليگ جي ڇهين ايڊيشن دوران ملتان سلطانز ايمرجنگ ڪيٽيگري ۾ پنهنجي اسڪواڊ جو حصو بڻايو.
هن پنهنجي پهرين ئي سيزن ۾ شاندار بالنگ ڪندي 20 وڪيٽون حاصل ڪيون ۽ ٽورنامينٽ جو سڀ کان وڌيڪ وڪيٽون وٺندڙ بالر بڻيو. ان شاندار ڪارڪردگي تي کيس بهترين بالر ۽ بهترين اُڀرندڙ ڪرڪيٽر جا اعزاز پڻ مليا.
پي ايس ايل دوران سندس ڪيترائي يادگار اسپيل سامهون آيا، جن مان هڪ ميچ ۾ رڳو پنج رنسون ڏئي چار وڪيٽون وٺڻ واري ڪارڪردگي خاص طور تي نمايان رهي.
ملتان سلطانز کانپوءِ شاهنواز ڏاهاڻي ڪراچي ڪنگز جي نمائندگي پڻ ڪئي.
ان کانپوءِ پاڪستان سپر ليگ 2026ع لاءِ پشاور زلمي کيس پنهنجي اسڪواڊ ۾ شامل ڪيو، پر کيس سمورو ٽورنامينٽ بينچ تي ويهي گذارڻو پيو.
شاهنواز ڏاهاڻي نومبر 2021ع ۾ بنگلاديش خلاف ٽي ٽوئنٽي ميچ ذريعي پاڪستان جي قومي ٽيم لاءِ ڊيبيو ڪيو ۽ پنهنجي پهرئين ئي اوور جي ٽئين بال تي هن بنگلاديشي اوپنر نجم الحسين شانتو کي بولڊ ڪري پهرين عالمي وڪيٽ حاصل ڪئي.
هن پاڪستان جي نمائندگي ٽي ٽوئنٽي ۽ ون ڊي ٻنهي فارميٽن ۾ ڪئي آهي.
سندس تيز رفتار، بائونس ۽ جارحاڻي بالنگ بيٽسمينن لاءِ هميشه چئلينج بڻيل رهي آهي.
شاهنواز ڏاهاڻي سنڌ، پاڪستان شاهينز، ايس اين جي پي ايل، لاڙڪاڻو ريجن ۽ ڪراچي جي مختلف ڊوميسٽڪ ٽيمن جي نمائندگي ڪندو رهيو آهي.
فرسٽ ڪلاس ڪرڪيٽ ۾ به هن ڪيترائي يادگار اسپيل ڪيا آهن، جن ۾ پريزيڊنٽ ڪپ جي هڪ ميچ ۾ 42 رنسن عيوض 7 وڪيٽون وٺڻ واري ڪارڪردگي خاص اهميت رکي ٿي.
هلندڙ سال کيس لنڪا پريميئر ليگ لاءِ ڪولمبو ڪيپس پنهنجي اسڪواڊ ۾ شامل ڪيو، جتي هن گولڊ ڪيٽيگري ۾ معاهدو حاصل ڪيو ۽ ٽورنامينٽ دوران اثرائتي بالنگ سان پنهنجي صلاحيتن جو ثبوت ڏنو.
شاهنواز ڏاهاڻي جو سفر هڪ ننڍڙي ڳوٺ ۾ ٽيپ بال ڪرڪيٽ کان شروع ٿي پاڪستان جي قومي ٽيم ۽ عالمي فرنچائز ڪرڪيٽ تائين پهتو آهي.
اڄ هو لاڙڪاڻي مان نڪري لنڪا پريميئر ليگ جهڙين عالمي ليگز ۾ پاڻ مڃائيندڙ فاسٽ بالر طور ڄاتو وڃي ٿو ۽ سنڌ جي نوجوان ڪرڪيٽرن لاءِ هڪ اتساهيندڙ مثال بڻجي چڪو آهي.

 

You might also like