نون صوبن ۽ ناڪارا نظام جون ڳالهيون، عوام جو رخ سياستدانن ڏانهن موڙڻ جي ڪوشش!

ڪراچي(عائشه صديقه)وفاقي گهرو وزير محسن نقوي جي تازن غير واضح بيانن ۽ بااثر ڌرين سان جڙيل مبينا آخري مهلتن اهڙو ماحول جوڙي ڇڏيو آهي، جنهن ۾ هر اشارو ڪنهن وڏي ڦيرڦار ڏانهن ويندي محسوس ٿئي ٿو. پر جيڪڏهن ڳالهه جي پاڙ تائين پهچجي ته حقيقت ايتري سولي ناهي، جيتري مٿاڇري تي ڏسڻ ۾ اچي ٿي.

پاڪستان جي سياسي تاريخ ٻڌائي ٿي ته جڏهن به عوام جي بيزاري يا بيچيني پنهنجي حد کان وڌي آهي، تڏهن هڪ آزمايل رستو اختيار ڪيو ويو آهي، جنهن تحت سياستدانن ۽ سول چهري وارن ماڻهن کي وچ ۾ آڻي بيهاريو ويندو آهي، جيئن ماڻهن جي ڪاوڙ جو رخ رياستي جوڙجڪ جي مستقل ڌرين بدران عارضي سياسي اڳواڻي ڏانهن موڙيو وڃي. هاڻوڪن حالتن ۾ به اهو ئي لاڙو ڪنهن نه ڪنهن صورت ۾ ڏسڻ ۾ اچي ٿو.

جيڪڏهن تازن سخت بيانن ۽ ڇنڊڇاڻ تي نظر وجهجي ته اهو سوال اُڀري ٿو ته ڇا اهي حقيقت ۾ موڪلائڻ جو نياپو آهن يا رڳو ڪم بهتر ڪرڻ لاءِ ڏنل سخت چتاءُ؟ ڇو ته جيڪڏهن فيصلو واقعي آخري هجي ها ته تازيون سياسي اڳڀرايون، خاص ڪري چونڊ ميدان ۾ ڪجهه ڌرين جي مضبوط ٿيندڙ حيثيت، ان جي ابتڙ تصوير پيش نه ڪن ها.

انهيءَ ئي پسمنظر ۾ نون صوبن واري بحث کي به ڪنهن سنجيده آئيني وک کان وڌيڪ هڪ سياسي اٽڪل طور ڏٺو پيو وڃي، جنهن جو مقصد مهانگائي، بيروزگاري ۽ راڄ هلائڻ جي ناڪامي جهڙن بنيادي مسئلن تان ڌيان هٽائڻ آهي. ڇاڪاڻ ته اهڙي قسم جي آئيني ڦيرڦار لاءِ رڳو ٻه ڀاڱي ٽي اڪثريت ئي نه، پر سڀني اهم سياسي ڌرين جي گڏيل راءِ پڻ ضروري هوندي آهي، جيڪا هاڻوڪي حالتن ۾ لڳ ڀڳ اڻ ٿيڻي نظر اچي ٿي.

حقيقت ۾ اصل ڏکيائي سياسي جوڙجڪ جي اندرين ٽڪراءَ ۾ لڪل آهي، جتي راڄ هلائڻ جي ڪمزوري، چونڊ سياست ۾ ناڻي جي وڌندڙ اثر ۽ ذاتي فائدن جي بالادستي، سڄي سرشتي کي اهڙي گهيري ۾ آڻي ڇڏيو آهي، جتي عوام جي ڀلائي پوئتي رهجي وئي آهي.

اهو ئي ڪارڻ آهي جو جڏهن اندريون دٻاءُ وڌي وڃي ٿو ته ماڻهن جو ڌيان ڪنهن وڏي آئيني يا انتظامي ڦيرڦار ڏانهن ڇڪايو وڃي ٿو، جيئن ڪجهه وقت لاءِ سياسي ڇڪتاڻ کي گهٽائي سگهجي.

هن سڄي صورتحال جو هڪ اهم پاسو اهو به آهي ته جيڪڏهن هاڻوڪو نظام ماڻهن جي اميدن تي پورو لهڻ ۾ ناڪام رهي ٿو ته پوءِ اختيارن جي مرڪزن وٽ ٿورا ئي رستا بچن ٿا، جن ۾ سياسي ٺاهه يا نئين سياسي نظام جي جوڙجڪ جهڙا قدم شامل ٿي سگهن ٿا. انهيءَ پسمنظر ۾ ڪجهه ڌرين پاران وڏين سياسي شخصيتن سان ممڪن لاڳاپن ۽ ڳالهيون ٻولهيون ٿيڻ جون خبرون به گردش ڪري رهيون آهن.

گڏيل طور ڏسجي ته ”سرشتي جي پڄاڻي يا نظام جي ناڪارا هجڻ“بابت ٿيندڙ ڳالهيون في الحال گهڻو ڪري دٻاءُ واري سياست جو حصو لڳن ٿيون، جن جو مقصد حڪمرانن کي وڌيڪ سرگرم ڪرڻ ۽ طاقت جو توازن پنهنجي پاسي برقرار رکڻ آهي.

You might also like