آمريڪي ميزائل دفاعي نظام ”ٿاڊ“ جا 80 سيڪڙو انٽرسيپٽر ختم

آمريڪي ميڊيا موجب، آمريڪا جي اهم ميزائل دفاعي نظام ٿاڊ (THAAD) ۾ استعمال ٿيندڙ لڳ ڀڳ 80 سيڪڙو انٽرسيپٽر ميزائل استعمال ٿي چڪا آهن.

سي اين اين ٻن باخبر ذريعن جي حوالي سان ٻڌايو ته جنگ شروع ٿيڻ کانپوءِ آمريڪي فوج پنهنجن ٿاڊ ميزائلن جو وڏو حصو استعمال ڪري چڪي آهي، جڏهن ته پيٽرياٽ انٽرسيپٽرن جو لڳ ڀڳ اڌ ذخيرو به ختم ٿي ويو آهي.

رپورٽ موجب، گولابارود جي گهٽجندڙ ذخيرن ۽ ايران جي ممڪن جوابي ڪارروائين جي خدشن سبب صدر ٽرمپ ايران تي وڏي پيماني جي حملي جو منصوبو ملتوي ڪيو.

جيتوڻيڪ پينٽاگون ۽ وائيٽ هائوس انهن دعوائن کي رد ڪندي چيو آهي ته آمريڪي فوج وٽ پنهنجي سڀني حڪمت عملي وارن هدفن لاءِ ڪافي هٿيار ۽ گولابارود موجود آهي.

You might also like