شيخ مجيب جي ”سونار بنگلا“ واري خواب جي ساڀيان لاءِ وطن واپس وينديس: شيخ حسينه واجد

نئين دهلي(ويب ڊيسڪ) اڳوڻي بنگلاديشي وزيراعظم شيخ حسينه واجد هلندڙ سال وطن واپسي جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي.
شيخ حسينه واجد چيو آهي ته هوءَ ڊسمبر ۾ بنگلاديش واپس اچڻ چاهي ٿي، جڏهن ته واپسي جي تاريخ جو اعلان مناسب وقت تي ڪيو ويندو.
هن چيو ته نظربندي يا گرفتاري جي امڪان باوجود خوف سندس فرض جو تعين نٿو ڪري سگهي.
سندس بيان مان ظاهر ٿئي ٿو ته هوءَ مسلسل قانوني چئلينجن ۽ سياسي غير يقيني صورتحال باوجود ٻيهر سياسي سرگرمين ۾ اچڻ جي ڪوشش ڪري رهي آهي.
ان کان اڳ هڪ ڀارتي ميڊيا کي ڏنل خاص انٽرويو ۾ شيخ حسينه واجد چيو هو ته هوءَ اقتدار جي لالچ لاءِ نه، پر بنگلاديشي عوام جي خدمت ۽ ملڪ جي باني شيخ مجيب الرحمان جي ”سونار بنگلا“ واري خواب کي پورو ڪرڻ لاءِ سياست ڪري ٿي.
پنهنجي خلاف بنگلاديشي عدالت طرفان ٻڌايل موت جي سزا واري فيصلي تي ردعمل ڏيندي هن ان کي انصاف جي ابتڙ، غير آئيني، غير قانوني ۽ سياسي انتقام تي ٻڌل قرار ڏنو.
شيخ حسينه واجد موجودا عارضي نظام تي الزام لڳائيندي چيو ته عدليه کي سندس جماعت عوامي ليگ کي قيادت کان محروم ڪرڻ لاءِ استعمال ڪيو پيو وڃي.
ياد رهي ته شيخ حسينه واجد پنهنجي حڪومت خلاف شاگرد تحريڪ ۽ شديد احتجاجن کانپوءِ آگسٽ 2024ع ۾ استعيفيٰ ڏئي ملڪ ڇڏي ڀارت هلي وئي هئي، جتي هوءَ هن وقت کان موجود آهي.
هاڻي شيخ حسينه واجد ڊگهي عرصي کانپوءِ ٻيهر بنگلاديش جي سياست ۾ سرگرم ٿيڻ ۽ وطن واپسي جو ارادو ظاهر ڪيو آهي، جنهن کانپوءِ ملڪ جي سياسي ماحول ۾ نئين بحث شروع ٿي وئي آهي.

You might also like