ڀارت ماءُ ۽ پاڪستان منهنجي ماسي آهي: سني ديول

ممبئي (ويب ڊيسڪ) بالي ووڊ اداڪار سني ديول جو پاڪستان سان پنهنجي خاص رشتي بابت ڏنل بيان سوشل ميڊيا تي بحث جو موضوع بڻجي ويو آهي.
اداڪار سني ديول هونئن ته فلمن ۾ اڪثر حب الوطني ۽ پاڪستان مخالف ڪردارن سبب مشهور رهيو آهي، پر ويجهڙ ۾ پنهنجي نئين فلم ”بٽوارا 1947“ جي مشهوري مهم دوران ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو ته ٻنهي ملڪن وچ ۾ تاريخي ۽ جذباتي لاڳاپو موجود آهي.
هڪ سوال جي جواب ۾ سني ديول چيو ته، ”جيئن منهنجي والد ڌرميندر چيو هو ته جيڪڏهن ڀارت منهنجي ماءُ آهي ته پاڪستان منهنجي ماءُ جي ڀيڻ (ماسي) آهي، ان ڪري اسان ڪنهن نه ڪنهن ريت هڪ ٻئي سان ڳنڍيل آهيون.“
سني ديول جو اهو بيان سوشل ميڊيا تي تيزي سان وائرل ٿي رهيو آهي، جنهن تي ڪيترن ئي واهپيدارن سندس انداز ۽ سوچ جي ساراهه ڪئي آهي.
ڪجهه واهپيدارن جو چوڻ آهي ته اداڪار سوال جو جواب سمجهداري ۽ انسانيت دوستي واري انداز ۾ ڏنو، جڏهن ته ٻين جو خيال آهي ته تاريخي اختلافن باوجود عوامي ۽ ثقافتي لاڳاپن جي اهميت برقرار رهي ٿي.
واضح رهي ته فلم ”بٽوارا 1947“ گڏيل هندستان جي ورهاڱي جي تاريخي واقعن تي ٻڌل آهي، جيڪا 14 آگسٽ 2026ع تي عالمي سطح تي رليز ٿيڻ جو امڪان آهي.

You might also like