سنڌ: اسڪولن کانپوءِ ڪاليجن ۾ به ڇنڇر تي موڪل جو فيصلو، نوٽيفڪيشن جاري

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ حڪومت جي ڪاليج ايجوڪيشن ڊپارٽمينٽ صوبي جي سمورن سرڪاري ۽ خانگي ڪاليجن لاءِ نئون حڪم نامو جاري ڪري ڇڏيو آهي.
نوٽيفڪيشن موجب، سنڌ جي ڪاليجن ۾ هاڻي هفتي ۾ پنج ڏينهن ڪم ٿيندو، جڏهن ته تدريسي سرگرميون سومر کان جمعي تائين جاري رهنديون.
جاري ڪيل نوٽيفڪيشن ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته نئون حڪم فوري طور لاڳو ٿيندو ۽ ايندڙ حڪمن تائين جاري رهندو.
نوٽيفڪيشن موجب، سنگل شفٽ ۽ ڊبل شفٽ ڪاليجن جي تدريسي عمل لاءِ الڳ شيڊيول جاري ڪيا ويندا.
ڪاليج ايجوڪيشن ڊپارٽمينٽ طرفان لاڳاپيل آفيسرن ۽ سمورن ڪاليجن کي نئين فيصلي تي عملدرآمد لاءِ آگاهه ڪيو ويو آهي.

You might also like