گلاسگو (ويب ڊيسڪ) اسڪاٽ لينڊ جي شهر گلاسگو ۾ ٿيل ڪامن ويلٿ گيمز ۾ شرڪت ڪندڙ ڪيترائي رانديگر گم ٿي ويا آهن ۽ پنهنجي ٽيمن سان گڏ وطن واپس نه ويا آهن.
اسڪاٽ لينڊ پوليس موجب، آچر تي گيمز جي پڄاڻي کانپوءِ ڪيترن ئي رانديگرن بابت اطلاع مليا آهن ته سندن ڪو پتو نه پئجي رهيو آهي، جڏهن ته معاملي جي جاچ جاري آهي.
ميڊيا رپورٽن موجب، باڪسر قدرت الله پاڪستان واپس ايندڙ اڏام ۾ پنهنجي ٻين ساٿين سان گڏ سوار نه ٿيو، جڏهن ته اختيارين جڏهن کيس ڳولڻ لاءِ سندس ڪمري ۾ پهتيون ته هو اتي موجود نه هو.
پاڪستان باڪسنگ فيڊريشن جي هڪ عهديدار موجب، قدرت الله شيڊيول موجب واپس نه آيو آهي، پر اميد آهي ته هو ويزا جي مدي ختم ٿيڻ کان اڳ پاڪستان موٽي ايندو.
پاڪستان اسپورٽس بورڊ جي ڊائريڪٽر جنرل ياور حسين چيو آهي ته معاملي جي جاچ لاءِ انڪوائري ڪميٽي قائم ڪئي وئي آهي، جيڪا ٽن ڏينهن اندر پنهنجي رپورٽ پيش ڪندي.
هينئر تائين مليل ڄاڻ موجب، قدرت الله ڪامن ويلٿ گيمز لاءِ ويل پاڪستاني دستي سان گڏ وطن واپس نه آيو آهي، جڏهن ته پاڪستان لاءِ پهريون ڀيرو ڪامن ويلٿ گيمز 2026ع ۾ پتل جو ٻلو کٽيندڙ باڪسر فاطمه زهرا ٻين رانديگرن سان گڏ وطن واپس اچي چڪي آهي.
ٻئي پاسي اسپورٽس ويب سائيٽ اين بي ايس اسپورٽس موجب، يوگنڊا جي باڪسنگ ٽيم جا چار ميمبر به پنهنجي وطن واپس ويندڙ اڏام ۾ سوار نه ٿيا.
رپورٽ موجب، ٽيم جي هڪ ميمبر دعويٰ ڪئي آهي ته اهي رانديگر اسڪاٽ لينڊ ۾ سياسي پناهه وٺڻ جو ارادو رکن ٿا.
واضح رهي ته هي پهريون ڀيرو ناهي، ان کان اڳ 2014ع ۾ گلاسگو ۾ ٿيل ڪامن ويلٿ گيمز کانپوءِ به ڪيترائي رانديگر لاپتا ٿي ويا هئا. انهن مان ڪجهه بعد ۾ پناهه جون درخواستون ڏنيون، جڏهن ته ڪجهه مڪمل طور گم ٿي ويا.
اسڪاٽ لينڊ پوليس جي ترجمان چيو آهي ته ڪيترن ئي رانديگرن جي لاپتا ٿيڻ جون رپورٽون مليون آهن ۽ صورتحال جو جائزو وٺڻ لاءِ جاچ جاري آهي.
يوگنڊا جي مقامي ميڊيا موجب، لاپتا باڪسرن ۾ نوحو باتي، اينجل ڪاتوشابي، ابراهيم ڪيمس ۽ ايملي نڪاليما شامل آهن.
اين بي ايس اسپورٽس موجب، لاپتا باڪسرن مان هڪ سان رابطي دوران هن دعويٰ ڪئي ته هو سياسي پناهه وٺڻ ۽ پنهنجي باڪسنگ ڪيريئر کي اهڙي ملڪ ۾ جاري رکڻ چاهي ٿو، جتي سندس خيال موجب تربيت جون بهتر سهولتون ۽ وڌيڪ موقعا موجود آهن.
هن يوگنڊا جي عوام کي اپيل ڪئي ته سندس فيصلي کي سمجهيو وڃي ۽ هن بابت ناڪاري راءِ قائم نه ڪئي وڃي.
يوگنڊا ٽيم جي ترجمان بي بي سي اسڪاٽ لينڊ کي ٻڌايو ته ٽيم هن معاملي تي ڪو به تبصرو ڪرڻ نٿي چاهي، جڏهن ته باقي يوگنڊا جو دستو وطن روانو ٿي چڪو آهي.
گلاسگو 2026ع جي انتظاميا موجب، رانديگرن کي پنهنجا مقابلا ختم ٿيڻ کان ٻن ڏينهن اندر رهائشگاهون خالي ڪرڻيون هيون. انتظاميا جو چوڻ آهي ته رانديگرن جي روانگي دوران اسڪاٽ لينڊ پوليس، بارڊر فورس ۽ برطانيا جي اميگريشن اختيارين سان ويجهو رابطو رکيو ويو ته جيئن گيمز جو محفوظ پڄاڻي يقيني بڻائي سگهجي.
ياد رهي ته 2014ع جي گيمز کانپوءِ به يوگنڊا جا ٻه رگبي رانديگر گم ٿي ويا هئا، جن مان هڪ کي پوءِ ويلز ۾ هڪ عورت سان زيادتي جي ڏوهه ۾ سزا ملي هئي، جڏهن ته ڪيمرون جو هڪ ويٽ لفٽر پڻ ان وقت لاپتا ٿي ويو هو، جيڪو بعد ۾ 2026ع جي گيمز ۾ چاندي جو ٻِلو کٽڻ ۾ ڪامياب ٿيو.
پاڪستاني باڪسر قدر الله شهاب سوڌو ڪيئي عالمي رانديگر ڪامن ويلٿ گيمز کانپوءِ گم، جاچ شروع
You might also like