تهران (ويب ڊيسڪ) ايراني صدر مسعود پزشڪيان پنهنجي استعيفيٰ بابت گردش ڪندڙ افواهه سختي سان رد ڪندي چيو آهي ته هو پنهنجو عهدو نه ڇڏيندو.
پنهنجي صدارت جي ٻئي سالگرهه جي موقعي تي جاري ڪيل وڊيو بيان ۾ مسعود پزشڪيان چيو ته ”جيڪڏهن مان استعيفيٰ ڏيڻ چاهيندس ته باظابطا اعلان ڪندس، پر مان استعيفيٰ نه ڏيندس، مان ثابت قدم رهندس.“
هن پنهنجي وڊيو پيغام ۾ فوجي ڪمانڊرز سان اختلافن وارين خبرن کي به رد ڪندي چيو ته سندس حڪومت فوجي قيادت سان مڪمل هم آهنگي سان ڪم ڪري رهي آهي.
ايراني صدر پنهنجي ۽ سپريم ليڊر مجتبيٰ خامنه اي وچ ۾ اختلافن بابت هلندڙ افواهن کي به بي بنياد قرار ڏيندي چيو ته ڪجهه ڌريون اهو تاثر ڏيڻ جي ڪوشش ڪري رهيون آهن ته سپريم ليڊر هڪ ڳالهه ڪري ٿو ۽ هو ٻي.
واضح رهي ته مسعود پزشڪيان جي استعيفيٰ بابت افواهه سندس صدارت دوران وقفي وقفي سان سامهون ايندا رهيا آهن.
خاص طور آمريڪا ۽ اسرائيل جي ايران تي گڏيل حملن ۽ 29 فيبروري تي اڳوڻي سپريم ليڊر علي خامنه اي جي شهادت کانپوءِ اهڙيون خبرون وڌيڪ زور پڪڙي ويون هيون.
صدر جي وڊيو بيان کان ڪجهه ڪلاڪ اڳ ايراني صدر جي آفيس جي هڪ سينيئر عهديدار به انهن خبرن کي ”ڪوڙ ۽ جعلي“ قرار ڏنو هو.
ان کان اڳ سپريم ليڊر جي ڪٽنب جي ويجهو ويجهو سمجهي ويندڙ عالم محمد باقر خرازي جي بيانن کي ايراني ميڊيا ۽ سوشل ميڊيا تي وڏي پيماني تي نشر ڪيو ويو هو.
خرازي دعويٰ ڪئي هئي ته جيڪڏهن مسعود پزشڪيان ٻيهر استعيفيٰ ڏيندو ته اها قبول ڪئي ويندي.
ٻه مهينن اڳ به صدر ۽ پاسدارانِ انقلاب جي ڪمانڊرز وچ ۾ اختلافن ۽ استعيفيٰ بابت خبرون سامهون آيون هيون، پر بعد ۾ صدر جي آفيس جي سينيئر عملدار انهن سڀني خبرن جي ترديد ڪندي چيو ته فوجي قيادت ۽ صدر وچ ۾ ڪنهن به قسم جو اختلاف موجود ناهي.
ايراني صدر جي آفيس جي سربراهه محسن حاجي ميرزائي به واضح ڪيو ته سڀني اهم گڏجاڻين ۾ صدر ۽ فوجي ڪمانڊر گڏ شرڪت ڪندا رهيا آهن ۽ سمورا فيصلا اتفاق راءِ سان ڪيا ويا آهن.
ياد رهي ته مسعود پزشڪيان جولاءِ 2024ع ۾ وقت کان اڳ ٿيل صدارتي چونڊن ۾ ڪاميابي حاصل ڪري ايران جو صدر بڻيو هو. اهي چونڊون اڳوڻي صدر ابراهيم رئيسي جي هيليڪاپٽر حادثي ۾ فوت ٿيڻ کانپوءِ وقت کان اڳ ڪرايون ويون هيون.
سندس صدارت دوران ايران کي ٻن جنگين، اندروني احتجاجن، اسرائيل سان وڌندڙ ڇڪتاڻ ۽ ٻين ڪيترن ئي سنگين بحرانن کي منهن ڏيڻو پيو، جڏهن ته سندس آئيني مدو پوري ٿيڻ ۾ اڃا اٽڪل ٻه سال باقي آهن.
”عهدو نه ڇڏيندس“، ايراني صدر سپريم ليڊر مجتبيٰ خامنه اي سان اختلافن وارين خبرن تي خاموشي ٽوڙي ڇڏي
You might also like