ڪشمير جي خاص حيثيت جي خاتمي جا ست سال، عمر عبدالله موديءَ جون ماٿري ۾ ترقيءَ جون دعوائون ڌوڙ ڪري ڇڏيون

نئين دهلي/اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) ڀارتي وزيراعظم نريندر مودي والاريل ڄمون ۽ ڪشمير جي خاص آئيني حيثيت ختم ٿيڻ جا ست سال مڪمل ٿيڻ تي چيو آهي ته 5 آگسٽ 2019ع ڄمون ۽ ڪشمير ۽ لداخ جي تاريخ ۾ هڪ نئين ۽ فيصلائتي باب جي شروعات ثابت ٿيو.
واضح رهي ته ست سال اڳ ڀارتي حڪومت آئين جي آرٽيڪل 370 ۽ 35-اي کي ختم ڪري ڄمون ۽ ڪشمير جي خاص آئيني حيثيت ختم ڪئي هئي ۽ رياست کي مرڪز جي انتظام هيٺ ٻن حصن، ڄمون ۽ ڪشمير ۽ لداخ ۾ ورهائي ڇڏيو هو.
سوشل ميڊيا پليٽ فارم ايڪس تي جاري پنهنجي بيان ۾ نريندر مودي دعويٰ ڪئي ته گذريل ستن سالن دوران ڄمون ۽ ڪشمير ۽ لداخ ۾ بنيادي ڍانچي، تعليم، صحت، ڪاروبار ۽ راندين سميت مختلف شعبن ۾ نمايان ترقي ٿي آهي، جڏهن ته عورتن ۽ پٺتي پيل طبقن سميت اهي ماڻهو به بااختيار ٿيا آهن، جيڪي ڏهاڪن تائين پنهنجي بنيادي آئيني حقن کان محروم هئا.
ٻئي پاسي والاريل جي وڏي وزير عمر عبدالله آرٽيڪل 370 جي خاتمي تي تنقيد ڪندي چيو ته ست سال گذرڻ باوجود هو ۽ سندس پارٽي نه ته هن معاملي کي وساري سگهيا آهن ۽ نه ئي موجوده صورتحال تي سوديبازي ڪئي آهي.
هن پنهنجي بيان ۾ چيو ته هو ۽ سندس جماعت ڄمون ۽ ڪشمير مان انهن سمورن قدمن جي واپسي لاءِ پُرعزم آهن، جن جي نتيجي ۾ ڪشميرين جا حق کسيا ويا ۽ سندن سڃاڻپ کي خطرو پيدا ٿيو.
هوڏانهن پاڪستان حڪومت به 5 آگسٽ 2019ع جي قدمن جا ست سال مڪمل ٿيڻ تي ڪشميري عوام سان ايڪي جو اظهار ڪيو.
پرڏيهي کاتي طرفان جاري ڪيل بيان موجب، صدر، وزيراعظم ۽ نائب وزيراعظم پنهنجي پيغامن ۾ زور ڏنو ته ڄمون ۽ ڪشمير جي تڪرار جو حل گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي لاڳاپيل ٺهرائن ۽ ڪشميري عوام جي خواهشن موجب ٿيڻ گهرجي.
بيان ۾ وڌيڪ چيو ويو ته پاڪستاني قيادت عالمي فورمن تي مسئلو ڪشمير اجاگر ڪرڻ جو عزم ورجايو ۽ واضح ڪيو ته 5 آگسٽ 2019ع جا ڀارت جا هڪ طرفا قدم ڄمون ۽ ڪشمير جي عالمي طور تسليم ٿيل تڪراري حيثيت کي تبديل نٿا ڪري سگهن.

You might also like